فائونڊر ايڊيٽر ۽ صحافي

وينگس

وينگس، سنڌ جي پهرئين غير منافع بخش ڊجيٽل ميڊيا”دي رائيز نيوز” جي فائونڊر ايڊيٽر ۽ صحافي آهي. هن “دي رائز نيوز” کي قائم ڪيو ته جيئن روايتي صحافت جيڪا اشتهارن انحصار ڪندڙ آهي ان کان هٽي ڪري هڪ خودمختيار ادارو قائم ڪري سگهجي. دي رائيز نيوز  سنڌي ۽ انگريزي ٻولين ۾ شايع ٿيندڙ، پليٽفارم ذميوار رپورٽنگ تي يقين رکندڙ آهي.

وينگس ننڍي عمر ۾ ئي ڪالم لکڻ شروع ڪيو، ۽ 2002ع ۾ هڪ سياسي ۽ انساني حقن جي ڪالم نگار طور اڳيان آئي. 2008ع ۾ هن سنڌي ٻوليءَ جي اخبار ذريعي عملي طورتي تي صحافتي سفر شروع ڪيو، ۽ ان کان پوءِ قومي ۽ بين الاقوامي ميڊيا ۾ لکندي پئي اچي جن ۾ انڊيا جي “دي وائر” ۽ آمريڪا جي “اين پي آر” شامل آهن.
هن جو صحافتي ڪم سياسي انٽرويوز، انساني حق، Conflict ۽ غير مسلم جي مسئلن جي ڪوريج لاءِ مشهور آهي. هن زوريءَ مذهب تبديل ڪرڻ جي واقعن تي مسلسل رپورٽ ڪندي پئي اچي ۽ صحافين کي تربيت، ليڪچر ڏيڻ ۽ ڪيتريون ئي .فيلوشپ حاصل ڪيون آهن.

وينگس، گريجويشن ڊگري پوليٽيڪل سائنس ۽ ماسٽر جي ڊگري تاريخ ۾ حاصل ڪئي آهي هوءَ عام طورتي پنهنجي پهرين نالي سان سڃاتي وڃي ٿي جڏهن ته ڪجهه لکڻين ۾ هن آخر نالو پنهنجي ماءُ جو نالو ”وينگس ياسمين“ طور استعمال ٿيل آهي.