ٺٽي جي تاريخي ورثو قرار ڏنل قديمي گجراتي اسڪول تي غير مقامي قبِضو

Pathans encroach upon historical Gujrati school in Thatta. Photo: Reporter

غيرمقامي گجراتي اسڪول جي سرڪاري پلاٽ تي کٽون رکي جرڳو ڪري پلاٽ تي ٽريڪٽر لڳائي قبِضو ڪرڻ بعد اڏاوتي ڪم لاء تياري شروع ڪري ڇڏي. ھڪ ڏينھن اڳ پلاٽ لڳ ڪاٺ جي گدام کي باھ جو ڊرامو رچائڻ بعد لينڊ مافيا جي اصل قبضي جي سازش سامھو اچي ويئي، نگريزن جي دور جي تاريخي گجراتي اسڪول کي تازو آرڪيالاجي کاتي ثقافتي ورثو قرار ڏيئي ان جي بحالي لاء ڪم جي شروعات بہ ڪئي ھئي. غير مقامي جي پاران تاريخي مدرسہ گجراتي اسڪول تي اوچتو قبضي واري معاملي تي پھرين انتظاميه اک نه پٽي.

پر ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي خبر اچڻ کانپوءِ ٺٽي جي ٻن قبنواري هيريٽج عمارت ڀرسان مبينه قبضي جو ثقافت کاتي شاھ سخت نوٽيس ورتو، فوري طور تي قبضو خالي ڪرايو آھي. اِنھن وڌيڪ چيو تہ ٽي جي ٻن قبن واري هيريٽج سميت سنڌ جي ڪنهن به قديمي آثارن تي ائين ڌارين جو قبضو ٿيڻ ڪونه ڏينداسين.

تعليم کاتي ٺٽو جي ايس ڊي اي او پرائمري آفيس ڀرسان قديم زماني کان قائم مدرسا گجراتي اسڪول تعليم ۽ تدريس جو مرڪز رهيو. سمان دور کان قائم مدرسا اسڪول کي ڪلهوڙن ۽ ميرن جي دور ۾ به علمي مرڪز جي حيثيت رهي.

ٺٽي شهر ۾ گجرات کان آيل گجراتين جي تعليم خاطر انگريزن جي دور ۾ هن اسڪول کي گجراتي اسڪول قرار ڏيئي ان ۾ گجراتي ۽ سنڌي ڪلاسز گڏيل طور هلايا ويا.

سنڌي لئنگويج اٿارٽي جو چيئرمين ڊاڪٽر محمد علي مانجهي جو چوڻ ھو تہ 1950 تائين گجراتي اسڪول درس و تدرس جو مرڪرز رھيو. هن تاريخي درسگاھ کي ٻن قُبن واري درسگاھ طور پڻ سڏيو وڃي ٿو ۽ آثار قديمہ هن قديم دور جي درسگاھ جي عمارت جي اصلي حالت ۾ بحالي لاء ڪم به شروع ڪرايو.

ٺٽي جي سڄاڻ ڌرين سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو تہ مدرسا گجراتي اسڪول جي ڀرپاسي وارو سمورو پلاٽ بہ هن درسگاھ جي ملڪيت آهي، هن قديم درسگاھ جي پلاٽ ۽ ڀرپاسي واري حصي تي قبضو غير قانوني ۽ غلط آهي، اعليٰ اختيارين کي فوري نوٽيس وٺڻ گهرجي.

دي رائيز نيوز جي مدد ڪرڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو

لاڳاپيل مضمون