سرڪش ھوائن جي شھر ڄامشوري م قائم مادر علمي سنڌ يونيورسٽي وڏي عرصي کان بنيادي سهولتن جي کوٽ جو شڪار رھي آھي. تازو مارئي ھاسٽل ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف سوين شاگردياڻين تاريخ ۾ پھريون ڀيرو ھاسٽل جي گيٽ جا تالا ٽوڙي مک گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو. ڌرڻي دوران سوين شاگردياڻين ۽ شاگردن يونيورسٽي انتظاميا ۽ ھاسٽل پرووسٽ ناھيد آرائين خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي. جڏھن ته چار ڪلاڪن جي ڌرڻي کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر خليل احمد کونڀاٽي نوٽيس وٺندي ھاسٽل پرووسٽ ناھيد آرائين کي ھٽائي ڇڏيو، جنھن کانپوءِ احتجاج ختم ڪيو ويو.
شاگردياڻين جو احتجاج
پر احتجاج اتي ختم نه ٿيو، ھاسٽل پرووسٽ ناھيد آرائين کي ھٽائڻ کانپوءِ ٻيھر شاگردياڻيون روڊن تي نڪري آيون ۽ هن ڀيري پروفيسر امر سنڌو خلاف احتجاج ڪيو. ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي جساف آزاد جي اڳواڻ امبر سنڌو سان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته وڏي عرصي کان مارئي ھاسٽل ۾ بنيادي سهولتن جي اڻهوند خلاف ھاسٽل پرووسٽ ناھيد آرائين آڏو مطالبا رکيا ھئا، جنھن کانپوءِ واٽس اپ گروپ تي ٽن شاگردياڻين اقرا سنڌي، اسرا سيد ۽ در شھوار چنا کي ڊسيپلين ڪميٽي آڏو پيش ٿيڻ جو حڪم ٿيو، جنھن کانپوءِ شاگردياڻيون ڊسيپلين ڪميٽي آڏو پيش ٿيون، جتي ڪلاڪ کان وڌيڪ شگردياڻين کي حراسان ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته توھان کي سياست ڪرڻ جي ضرورت ناھي، شاگرد سياست جي نالي تي توھان کي صرف استعمال ڪندا، جي توھان ناھيد آرائين خلاف احتجاج ختم نه ڪيو ته پوءِ توھان جي وارثن کي خط لکي ٻڌائينداسين ته توھان ھتي ڇا ڪنديون آھيو، جڏھن ته ڊسيپلين ڪميٽي شاگرد اقرا کي ڪلاڪ حراسان ڪيو، جيڪا بيھوش ٿي وئي ۽ ان کي اسپتال داخل ڪيو ويو.
ھن وڌيڪ ٻڌايو ته مارئي ھاسٽل جي ڊي بلاڪ ۾ ڊسيپلين ڪميٽي ۾ شامل پروفيسر امر سنڌو اچي شاگردياڻين جي ڪردارڪشي ڪئي ۽ سماجي ويب سائيٽ فيس بڪ تي ميسيج ڏيکاريا جيڪي شاگردياڻين خلاف هئا. جيڪڏهن توهان ائين ڪندا ته پوءِ ھاسٽل جي شاگردياڻين سان ڪير به شادي نه ڪندو، احتجاج ڪرڻ تي بنيادي سهولتون ڏيڻ بدران اسان جي ڪريڪٽر تي ڳالھايو پيو وڃي، جيڪو ڪنھن بہ ريت قبول ناھي.
امبر ٻڌايو ته ناھيد آرائين کي ٻيھر پرووسٽ مقرر ڪرڻ لاءِ اسان تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي, اسان مطالبو ڪيو آھي ته ڊسيپلين ڪميٽي مان پروفيسر امر سنڌو کي ھٽايو وڃي. ٻئي طرف سياف اڳواڻ در شھوار چنا رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان جي پروفيسر امر سنڌو سميت ڪنھن بہ پروفيسر سان ذاتي دشمني ناهي، تاريخ ۾ پھريون ڀيرو سنڌ يونيورسٽي جون شاگردياڻيون پنھنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ ھاسٽل جا گيٽ ٽوڙي ٻاھر نڪتيون آھن، ھاسٽل پرووسٽ ناھيد آرائين شاگردياڻين کي دلال چئي مخاطب ٿيندي ھئي, گذريل سال آڪٽوبر ۾ بنيادي سهولتون مھيا ڪرڻ لاءِ ھاسٽل پرووسٽ ناھيد آرائين کي چارٽر آف ڊمانڊ پيش ڪيو ھو، پر ھاسٽل پرووسٽ اسان سان ملاقات به ڪئي، جڏھن ته وڻ وڍرائڻ ۽ مڇرمار اسپري ڪرائڻ تي اسان ھاسٽل پرووسٽ جا ٿورا مڃيا ھئا. ھن وڌيڪ ٻڌايو ته ڊسيپلين ڪميٽي آڏو پيش ٿيس ته ٻن ڪلاڪن تائين حراسان ڪري مون کان پني تي صحيح ورتي وئي ۽ امر سنڌو چيو ته اسان يونيورسٽي جون اسٽيڪ ھولڊر آھيون، توھان تي ڪيس داخل ڪرائيندس ۽ توھان ھاسٽل مان نڪري وڃو، توھان جي گھر ڀاتين کي ٻڌائينداسين ته توھان ھتي ڇا ڪنديون آھيو؟
ھن ٻڌايو ته پروفيسر امر سنڌو اسان کي چيو ته 27 رپيا ڏينھن جي حساب سان ھاسٽل ۾ رھون ٿيون، ان حساب سان توھان کي گھڻيون سھولتون مليل آھن، اجايو احتجاج ڪريون پيون، اربين رپيا فنڊ ملڻ باوجود مارئي ھاسٽل ۾ ڊسپينسري ناھي، ھاڻوڪي وائيس چانسلر جي مقرري کانپوءِ ھاسٽل ۾ وائي فائي لڳايو ويو آھي، چاپڙ ڪرڻ سبب شاگردياڻي اقرا زخمي ٿي ھئي، ھاسٽل ۾ صفائي جو نظام ناھي, گند ڪچرو به ھاسٽل جي احاطي ۾ ساڙيو وڃي ٿو، جنھن ڪري اڪثر شاگردياڻيون بيمار ٿين ٿيون. ھن ٻڌايو ته شاگردياڻين کي الٽي اچڻ تي ھاسٽل پرووسٽ بدڪردار جا لقب ڏيندي آھي، اسان يونيورسٽي انتظاميا کان گھر ٿا ڪريون ته مارئي ھاسٽل ۾ بنيادي سهولتون مھيا ڪيون وڃن، جئين شاگردياڻيون پنھنجي تعليم جاري رکي سگھن.
ھوڏانھن شاگردياڻي سمرن راني ٻڌايو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ پوائنٽ بسن جي کوٽ آھي، بس ڊرائيور شاگردياڻيون گھڻي تعداد ۾ ھئڻ سبب بريڪ به نٿا ھڻن، جنھن سبب ڪيترائي ڀيرا شاگردياڻيون پٽ تي ڪري زخمي ٿين ٿيون ۽ ڪپڙا به ڦاٽي پون ٿا، جنھن سبب يونيورسٽي انتظاميا کي گھرجي ته پوائنٽ بسن جي تعداد کي وڌايو وڃي.
هر الزام کي رد ۽ ڪميٽي جوڙڻ جو مطالبو
پروفيسر امر سنڌو شاگردياڻين جا الزام رد ڪندي چيو منھنجو 2000ع ۾ ئي ورڪنگ وومن ھاسٽل۾ شفٽ ٿيڻ کانپوء مارئي گرلس ھاسٽل جي معاملن سان منھنجو ڪوبه واسطو ناھي، نہ وري مان ڪڏھن ان جي ڪنھن انتظاميا جو حصو رھي آھيان.
ھن وقت بہ مان جيئن تہ تدريسي عمل ۾ مصروف ھئس. باقي حاليہ واقعن جي حوالي سان مونکي يونيورسٽي جي ڪوڊ مطابق ھاسٽل مئنيجمينٽ ڪاميٽي جي ست رڪني ڪاميٽي جو ميمبر بنايو ويو ھو. ان ڏينھن تي مونکي فون تي اطلاع ڏيئي چيو ويو تہ گرلس ھاسٽل ۾ ميسر سھولتن جي حوالي سان ڇوڪرين جا ڪي مطالبا آھن، ان ڪري ڪاميٽي جي ميٽنگ طلب ڪئي وئي تہ ڪاميٽي ڇوڪرين سان ملي سندن مسئلا ۽ مطالبا ٻڌي.
مارئي ھاسٽل ۾ رٿيل ان ميٽنگ ۾ مون سان گڏ پرووسٽ سميت ڪاميٽي جون مقرر ڪيل پنج ٻيون خواتين پروفيسرز پڻ موجود ھيون.
ڪميٽي آڏو فقط ٻه شاگردياڻيون پيش ٿيون جنھن مان ھڪ سياف جي انفارميشن سيڪريٽري ھئي پر انھن ٻنھي ميٽنگ ۾ ڪاميٽي جي ممبرن کي يقين ڏياريو تہ سندن سڀ مسئلا حل ٿي ويا آھن. ان جو پڻ تحريري ثبوت موجود آھي.
جنھن کانپوءِ ڪاميٽي جي ممبرن ھاسٽل وزٽ ڪئي تہ جيئن ھاسٽل م ميسر سھولتن جو جائزو وٺي انتظاميا کي رپورٽ پيش ڪري، وزٽ پڻ شاگردياڻين سان انتھائي دوستاڻي انداز ۾ ڳالھ ٻولھہ ٿي، سندن جائز شڪايتون نوٽ ڪيون ويون. مون وري بہ کين چيو ته اڃان بہ ڪنھن کي ڪا شڪايت ھجي يا ڪا وضاحت کپي تہ منھنجي آفيس اچي مون سان ڳالھائي سگھن ٿيون جڏھن تہ ڪاميٽي آڏو پيش ٿيندڙ شاگردياڻين کي پڻ پنھنجو موبائل نمبر ڏنو تہ مون سان ڪنھن وقت بہ رابطو ڪري سگھن ٿيون. ان کانپوء اسان واپس ھليا وياسين.
شاگردياڻي کي ٽي ڪلاڪ آفيس ۾ ويھارڻ، ڇوڪري جي بيھوش ٿيڻ، ھراسان ڪرڻ، يا شاگردياڻين جي ڪردار ڪشي ڪرڻ وارا سڀ الزام بي بنياد آھن. تصديق لاء ھاسٽل م سي سي ٽي وي ڪميرا لڳل آھن جنھن جي ريڪارڊنگ کي بيڪ ڪري سگھجي ٿو.
مان پڻ يونيورسٽي انتظاميا کي گذراش ڪندس ته تہ اھڙن بي بنياد الزامن جي موجود جانچ ڪئي وڃي جئين ان پويان ھاسٽل ۽ يونيورسٽي م انتشار پيدا ڪرڻ واري ڪردارن جا اصلي محرڪ ۽ لڪل چھرا پڌرا ٿي سگھن.
سنڌ جي هر يونيورسٽي مسئلن جي ورچڙهيل آهي
سنڌين نيشنل ڪانگريس جي اڳواڻ سارنگ جويو، شاگردياڻين جي احتجاج تي ٻڌايو ته ھي مسئلو صرف سنڌ يونيورسٽي جو ناھي، مجموعي طور تي سنڌ ۾ جيڪي به يونيورسٽيون آھن، انھن ۾ مسئلا وڏي عرصي کان آھن، اسان جڏھن يونيورسٽي ۾ شاگرد سياست ۾ ھئاسين تہ ان وقت به يونيورسٽي ۾ کوڙ سارا مسئلا ھئا پر ان وقت شاگرد سياست طاقتور ھئي ۽ ان جا نظرياتي بنياد ڏاڍا پختا ھئا، تنھن ڪري اھڙا معاملا تمام گھٽ يا ننڍي ليول تي ٿيندا ھئا ڇو ته انتظاميا ۾ جرت نه ٿيندي ھئي ته شاگردياڻين کي بناجواز تنگ ڪن. يونيورسٽي ۾ استادن جي روپ ۾ جيڪي بگھڙ ويٺا آھن، انھن ھميشه مارڪن جي چڪر ۾ شاگردياڻين کي جنسي حراسان ڪيو آھي، اھڙن سببن جي ڪري ئي سنڌ يونيورسٽي ۽ چانڊڪا يونيورسٽي سميت ٻين يونيورسٽين ۾ شاگردياڻين خودڪشيون ڪيون آھن، نائلا رند، نمرتا چنداڻي ۽ ٻيا اھڙا واقعا اسان جي سامھون آھن, اهڙن واقعن اڪثر وائيس چانسلر، ڊائريڪٽر، رجسٽرار، ڪلارڪ ۽ هاسٽل پرووسٽ ملوث رهيا آهن اڳ ۾ سياست تي پابندي مڙهيل هئي پر ٻيهر قومپرست سياست ۾ اُڀار آيو آهي ۽ شاگردياڻين مايوسي بدران مزاحمت جو رستو اختيار ڪيو آهي جنهن سان شاگردياڻيون پنهنجا حق وٺي سگهن ٿيون يونيورسٽين ۾ ميرٽ تي ڀرتيون نٿيون ٿين جنهن سبب ڪرپشن عروج تي آهي سياسي آشيرواد يا ڪروڙين روپيا ڀري ايندڙ ڪامورا ڌنڌو ڪن ٿا جنهن سبب هنن جو ادارن يا تعليم سان لڳاء ناهي اسان ماضي ۾ شاگردياڻين کي جنسي حراسان ڪرڻ خلاف جدوجهد ڪئي ۽ ڪاميابي به ماڻي هئي اسان تي ڪيس داخل ٿيا ۽ جيل وياسين ان احتجاج کان پوء نظير مغل کي هٽايو ويو هو پروفيسرن کي شاگردن جون امتحاني ڪاپيون ڏيکاريون وڃن. اهڙن واقعن خلاف سياسي ۽ سماجي تنظيمن کي آواز اٿارڻ گهرجي ڇو ته هي اسان جي مستقبل جو سوال آهي. ھن وڌيڪ ٻڌايو ته جيڪڏهن امر سنڌو شاگردياڻين جي ڪردارڪشي ڪئي آھي ته پوءِ ان تي هڪ ڪاميٽي جوڙي وڃي، جاگيرداراڻي لھجي سبب اڪثر واقعا ٿين ٿا، انھي ڪري اھڙن روين تي ضابطو آڻڻو پوندو.








