
سنڌو درياھ مان 6 تڪراري ٺھندڙ ڪئنالن، ڪارپوريٽ فارمنگ رٿا ذريعي سنڌ جي زمين تي والار خلاف شاگردن جي جوڙيل جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي سوين شاگردن حيدرآباد کان ڪوٽڙي بئراج وٽ سنڌو درياھ تائين 8 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪيو.
ان احتجاجي پيادل مارچ ۾ شاگردن، شاگردياڻين، وڪيلن، سول سوسائٽي، سياسي سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جن تڪراري ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ رٿا خلاف سخت نعريبازي ڪئي. سخت گرميءَ باوجود مارچ ۾ شريڪ ٿيندڙن جا حوصلا بلند هئا، جن ڌرتي ۽ درياهه تي ڌاڙي خلاف سخت مزاحمت جو اعلان پڻ ڪيو. مارچ ۾ شامل سوين ماڻهن ڪوٽڙي بئراج جي ڊائون اسٽريم ۾ پهچي سنڌو درياهه کي گلن جي ڀيٽا پيش ڪندي سندس بچاءُ لاءِ هر پليٽ فارم تي آواز اٿارڻ ۽ سخت مزاحمت جو وچن ورجايو.
ان موقعي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙن اسد سنڌيار، درياهه خان پنهور، جانب وساڻ ۽ ٻين چيو ته سنڌو درياھ اسان جو جياپو آھي، ان جياپي تي قبضو ڪري ان مان غيرقانوني ڪئنال ڪڍي سڪائڻ واري سازش خلاف اسان سخت مزاحمت ڪنداسين. شاگردن وڌيڪ چيو ته سنڌو درياھ تي ڌاڙي خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج آھي، هڪ طرف ڪئنال ڪڍي سنڌ سڪائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي ته ٻئي طرف ڪارپوريٽ فارمنگ رٿا ذريعي سنڌ جي زمين ۽ معدني وسيلن تي قبضا ڪيا پيا وڃن، ترت اهي سنڌ دشمن فيصلا واپس ورتا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.