
سنڌو درياهه مان چولستان سميت ڇهه ڪئنال ڪڍڻ خلاف ٽرانسجينڊر ڪميونٽي طرفان اعلانيل حيدرآباد ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. انهن دوران ڳالهائيندي چيو ته اسانکي به سنڌ ۽ سنڌو سان تمام گهڻو پيار آهي، وفاق سراسر زيادتي ڪري سنڌ سان ناانصافي ڪري رهيو آهي، سنڌو اسان جو جياپو آهي، سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هر گز هڻڻ نه ڏينداسين، سنڌ جا ٽرانسجينڊر به سنڌو جي بقا لاءِ جدوجهد ڪندڙن سان گڏ آهن، ھنن چيو ته سنڌو درياهه ۾ اسان جو ساهه آھي سنڌو درياهه نه رھندو ته اسين به نه رھنداسين، پنجاب زبردستي سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍي رھيو آهي، پر اھا کيس ڀل آهي وفاق ھر ڀيري سنڌ سان نانصافيون ڪيون آهن، ھاڻ پاڻي کسن پيا جنهن لاءِ مذاحمت ڪبي، پر ڪينال ٺاھڻ نه ڏبا، پنجاب ڪينال ڪڍي سنڌ کي سڪائڻ چاھي ٿو، پر ايئن ھر گز نه ٿيندو، اسين به وڙھڻ لاءِ تيار آھيون. ٽرانسجيندڙ ڪميونٽي سان گڏ ريلي ۾ شريڪ مختلف مڪتب فڪر جي عورتن پاران احتجاج ۾سخت نعري بازي ڪئي.
ٽرانسجينڊر ڪميونٽي۽ سول سوسائٽي جي عورت اڳواڻن چولستان سميت 6 ڪئنالن ٺاھڻ خلاف ٽرانسجينڊر مريم خان، ثنا خان، امر سنڌو، نظير قريشي، عاليا بخشل ۽ ڊاڪٽر ورشا اولڊ ڪيمپس حيدرآباد کان پريس ڪلب حيدرآباد تائين احتجاجي ريلي ڪڍي.