
گرين پاڪستان منصوبي تحت سنڌو درياھ مان وڌيڪ ڇھ ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي زمينن جي والار خلاف خواجا سرا ڪميونٽي به سراپا احتجاج، منصوبن کي جاري رکڻ جي صورت ۾ وڏي تحريڪ هلائڻ جو اعلان.
ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي خواجا سرا ڪميونٽي ڇهن ڪئنالن جي منصوبي سميت ڪارپوريٽ فارمنگ کي مڪمل رد ڪري ڇڏيو، خواجا سرا ڪميونٽي وفاقي حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪندي ڇهن ڪئنالن جي منصوبي کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
خواجا سرا ڪميونٽي جي اڳواڻ شھزادي راء دي رائيز نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آھي جڏھن ته سنڌو درياھ جي پيٽ مان واري اڏامي رهي آھي، هن وڌيڪ چيو ته وفاق جا اهڙا فيصلا صوبن کي هڪٻئي سامهون بيهاري رهيا آھن، جيڪڏھن وفاق درياھ مٿان قبضو ڪندو ته اسان وٽ به بندرگاھ آھي اسان به بندرگاھ کي مڪمل طور بند ڪنداسين.
خواجا سرا ڪميونٽي جي اڳواڻ بنديا رانا چيو ته اسانجو موقف سڌو آھي ته جيڪي ڪئنال ٺاھيا پيا وڃن انهن کي فوري طور تي روڪيو وڃي، سنڌ سميت ڪراچي ۾ اڳ ئي پاڻي جي شديد کوٽ آھي اهڙي صورتحال ۾ ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ وڌيڪ سڪندي ۽ زمينون بنجر ٿي وينديون.
بنديا رانا چيو ته سنڌ سان اهڙو ظلم به ڪيو وڃي منصوبي کي جلد ئي روڪيو وڃي، سنڌ جي هارين جي هزارين ايڪڙ زمين بنجر ٿي رهي آھي ان باوجود به پيئڻ جو پاڻي به کسيو پيو وڃي جيڪا ناانصافي آھي.