
نڊوالهيار چمبڙ روڊ اسلام ٽائون ۾ ڪڇي ڪولهي برادري سان تعلق رکندڙ ٻن نابالغ نياڻين، 13 ورهين جي روپي ۽ 14 ورهين جي سيتا بابت مبينا اغوا، زبردستي نڪاح ۽ مذهب جي تبديلي جو معاملو سامهون آيو هو.
وارثن موجب، 29 آگسٽ 2026ع جي رات ٻنهي نياڻين کي مبينا طور ماڇي برادري سان تعلق رکندڙ ٻن نوجوانن، امجد ماڇي ۽ منصور ماڇي، پاران کڻي وڃڻ بعد حيدرآباد جي عدالت ۾ نڪاح ڪرايو ويو. واقعي کانپوءِ نياڻين جا مائٽ فرياد کڻي ٿاڻي تي پهتا، پر سندن شڪايت تي بروقت داد فرياد نه ٿيڻ جو الزام لڳايو ويو.
واقعي کي ڪيترائي ڏينهن گذرڻ کانپوءِ 4 سيپٽمبر 2026ع تي سوشل ميڊيا تي نمايان ڪيو ويو، جنهن بعد ايس ايس پي سليم شاهه معاملي جو نوٽيس ورتو
پوليس ڪارروائي کانپوءِ ٻنهي نياڻين کي بازياب ڪرايو ويو ۽ کين ٽنڊوالهيار جي عدالت ۾ 164 تحت بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ پيش ڪيو ويو. عدالت ۾ نياڻين پاران مبينا طور بيان ڏنو ويو ته سندن اڳ ۾ به شاديون ٿيل هيون، جن مان طلاق ٿي چڪي آهي، ۽ هنن پنهنجي مرضي سان اسلام قبول ڪري رضا خوشي سان شادي ڪئي آهي.
ان بعد عدالت ٻنهي نياڻين کي ٻن ڏينهن لاءِ سيف هائوس موڪلڻ جو حڪم ڏنو ۽ ڪيس جي ايندڙ تاريخ مقرر ڪئي.
اڄ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ٻنهي نياڻين عدالت جي روبرو بيان ڏيندي چيو ته هو پنهنجي مائٽن وٽ واپس وڃڻ چاهين ٿيون ۽ سندن مبينا طور زبردستي ڪئي وئي آهي، تنهنڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.
عدالت پاران ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 19 سيپٽمبر تي مقرر ڪندي ٻنهي نياڻين کي ٻيهر سيف هائوس موڪلڻ جو حڪم ڏنو ويو.
ڪيس جي پيروي ايڊووڪيٽ وڪرم راٺوڙ پاران ڪئي وئي. ٻڌڻي کانپوءِ ٻنهي نياڻين سيف هائوس وڃڻ کان انڪار ڪندي دانهون ڪيون ته هو پنهنجي مائٽن وٽ وڃڻ چاهين ٿيون، پر انڪار باوجود کين سيف هائوس ڏانهن موڪليو ويو.
واقعي بابت حتمي حقيقت عدالت جي ايندڙ ڪارروائي ۽ قانوني فيصلي سان وڌيڪ واضح ٿيندي.





