بحريا ٽائون سنڌ جي زمين کان وٺي تاريخي ورثي کي قتل ڪندڙ

Khirthar Photo: Veengas

منهنجي زمين تي نه اچجو هي  لفظ 56 سالن جي امان حاجران بلوچ جنهن بحريا ٽائون ۽ ان سان گڏ ساٿاري پوليس آفيسر رائو انوار کي رڙ ڪندي روڪيو هو. بحريا ٽائون، حاجي علي محمد گبول ڳوٺ تي قبضي جي ڪوشش ڪرڻ پئي چاهي، پر بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض ۽ ان کي ساٿ ڏيندڙ رياستي پوليس آفيسرن کي هن وقت تائين اها ڳالهه سمجهه ۾ ناهي آئي ته جنهن ڌرتي تي پير رکي بيٺا آهن، اها ڌرتي مارئي ملير جي آهي – ها! اها مارئي جنهن پنهنجي وقت جي بادشاهه عمر جي محل کي ٿڏي ڇڏيو هو. اڄ وري مارئي روپ بدلائي امان حاجران بلوچ جي روپ ۾ وري آ پنهنجي ڌرتي جي سنڀال ڪرڻ لاءِ. يقينن اڄ جي دوءر ۾ عمر جهڙو ڪو بادشاهه ناهي جنهن وٽ مارئي جي انڪار جو احترام ۽ پنهنجي غلطي تي پشماني ڪرڻ جي سگهه هجي.

ان جي ابتڙ وقت جا حڪمران پوءِ اهي ڪهڙي به روپ ۾ هجن عوام جي پيرن هيٺان زمين کسي رهيا آهن. اسان سان تاريخ جي هر موڙ تي ويساهه گهاتي ٿيندي آئي آهي جڏهن ته هينئر حالتون پنهنجو ڀيانڪ منهن ڪڍي رهيون آهن انهن ۾ سنڌو ماتا ڌرتي جي تباهه به آهي.

هن وقت ڪهڙي عوامي سگهه آ جيڪا امان حاجران ۽ ملير جي عوام کي چئي ته اسان توهان سان گڏ آهيون. جنهن وقت بحريا ٽائون جا ماڻهو جديد هٿيارن ۽ رياستي مشنري سان گڏ ٿي ڪري ڳوٺ تي چڙهائي ڪري رهيا هئا ا ن وقت امان حاجران ۽ امان هوا بلوچ سان گڏ ٻيون بلوچ عورتون ڳوٺ ۾ اڪيلون هيون. انهن کي ڪهڙي خبر هئي ته انهن جي ڪچن گهرن مٿان چڙهائي ڪئي ويندي.

اِها ظلم ڪندڙن جي روايت رهي آهي جو هو اخلاقيات جو هر ليڪو لتاڙيندا آهن جي هو اخلاقيات جي ڄاڻ رکندڙ هجن ها ته شايد سنڌين مٿان ايترو ظلم نه ٿئي ها! امان حاجران جنهن مون کي ٻڌائيندي چيو ته ان وقت هِن جي هٿن ۾ ڪجهه به نه هو هن پٿرن سان بحريا ٽائون ۽ رائو انوار جي پوليس کي روڪيو. ”انهن وٽ جديد هٿيار هئا ۽ اسان وٽ صرف پٿر هئا.“ بس! مون کي پنهنجي زمين بچائڻي هئي هن مسڪرائي چيو ته مان هن ملڪ رياض ته ڇا هر ان سان ويڙهندم جيڪو منهنجي ڌرتي تي قبضو ڪندو.

 هن وقت تائين امان حاجران ڪو به سمجهوتو ناهي ڪيو هوءَ پنهنجي ڌرتي کي بچائڻ لاءِ ويڙهي رهي آهي، چوندا آهن ته قدرت جي ديوي هر ان جو ساٿ ڏيندي آ جيڪو حق لاءِ ويڙهي ٿو ۽ اهڙي ئي سگهه هن وقت ملير جي ماڻهن کي آهي جيڪي ڌرتي کي بچائڻ لاءِ جوجهد ڪري رهيا آهن.

هي جيڪي بلڊوزر ملير جي زمين مٿان چڙهائي ڪري رهيا آهن اهي هڪ ڏينهن پوري سنڌ کي لتاڙي ويندا هن وقت ملير ئي نه پر ڄامشورو به بحريا جي لتاڙ هيٺ آهي. هي جيڪا ويڙهه سنڌ اينڊيجينس الائنس ۽ ملير جي ماڻهن، بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي ۽ ٻين قبضا گيرن خلاف شروع ڪئي آهي اها ڪا ڪالهه جي ناهي هي جدوجهد گهڻي پراڻي آهي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان وٺي ملير جا ماڻهو چوندا رهيا ته انهن جي ڌرتي قبضا ٿي رهيا آهن.

ملير کان تباهي جي شروعات جو مطلب پوري سنڌ ان جي لپٽي ۾ اچي ويندي پر ڇا ڪجي سنڌ جي سياستدانن کي ڳالهه سمجهه نه ٿي اچي جي انهن کي سمجهه ۾ اچي ها ته انهن جي جدوجهد به گرائونڊ تي نظر اچي ها جيڪا هن وقت تائين اسان کي نظر نه ٿي اچي شايد ڪجهه ماڻهن کي اهو محسوس ٿئي ته زمين تي قبضاگيري جتي ڪٿي ٿي رهي آهي ڪا نئين ڳالهه ڪانهي ۽ سنڌي هر ڳالهه تي جذباتي ٿي ويندا آهن، پر جيڪي گهاوَ ۽ دوکا سنڌ کي پاڪستان ٺهڻ کان وٺي مليا آهن انهن جي درد کي صرف سنڌي ئي محسوس ڪري سگهن ٿا.

هن وقت بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي يا وري ٻين قبضاگروپن خلاف ملير جو عوام خاص طورتي سنڌ اينڊيجينس الائنس وارا ثابت قدم بيٺا آهن جنهن ۾ حفيظ بلوچ، سلمان بلوچ، اختر رسول ۽ ٻيا ساٿي بحريا ٽائون تي وڏي واڪي ڳالهائي رهيا آهن ان اميد سان ته آواز اُٿن پر جنهن انداز سان آواز اُٿڻ گهربا هئا اهي اُٿيا ناهن.

حفيظ بلوچ ۽ سلمان بلوچ جو چوڻ ته هتي ڳالهه صرف توهان جي زمين جي ٽڪر جي ناهي هتي ڳالهه توهان جي وجود جي آهي – هتي ڳالهه توهان جي تاريخي شناخت جي آهي – هتي ڳالهه توهان جي سنڌو تهذيب جي آهي. ملير جي جبلن، ندين، تاريخي ماڳ هي سڀ توهان جي وجود سان جڙيل آهن جيڪڏهن انهن کي بلڊوز ڪيو ويو ۽ جيڪي ٿي رهيا آهن ان جو مطلب توهان جو وجود ختم ٿي رهيو آهي. سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي پر سنڌ جي اڪثريت ان مسئلي تي سنجيده جدوجهد ڪرڻ لاءِ ڪڏهن تيار ٿيندي؟

حفيظ جي آواز ۾ درد هو جڏهن هن اهو چيو پئي ته اسان جا آواز 2013 کان وٺي مسلسل پوري سنڌ جي عوام کي سڏي رهيا آهيون ته توهان ملير ۾ سياست کي مظبوط ڪريو، توهان بحريا ٽائون جهڙن پراجيڪٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ اڳيان اچو پر افسوس هن وقت تائين ڪا ڀرپور موٽ ملي ناهي سگهي.

ملڪ رياض يا ڊي ايڇ اي هجي انهن کي مدد ڪندڙ رياست آهي ۽ سنڌ جي ڳالهه ڪندڙ پيپلز پارٽي جنهن انداز سان بحريا ٽائون کي سپورٽ ڪري رهي آهي جنهن مان ظاهر آ ته انهن کي سنڌ جي وجود جي بقاء، سنڌ جي تهذيب ۽ تاريخي ماڳن جي رتي برابر به پرواهه ناهي. جيڪڏهن پيپلز پارٽي مدد نه ڪري ها ته ملڪ رياض ۾ اڳتي وڌڻ جي همت نه هجي ها. هن وقت پيپلز پارٽي عوامي پارٽي نه پر ملڪ رياض جهڙن جي پارٽي وڌيڪ آهي، جتي عوام جي خلاف فيصلا ٿين ۽ عوام جي گهرن تي بلڊوز گهمايا وڃن اها پارٽي عوامي پارٽي ڪيئن ٿي سگهي ٿي.

پر اتي قومپرستن جا رويا به ڪي ساراهه جوڳا ناهن. حفيظ جو چوڻ ته توهان کي بيانن تائين بحريا ٽائون خلاف جذباتي بيان ملندا پر مان توهان کي ٻڌايان ٿو ته قومپرست اڳواڻ جيڪو هڪ گڏجاڻي ۾ اهو چئي ته بحريا ٽائون سنڌين لاءِ بهترين آهي هن وڌيڪ چيو ته جيڪا تحريڪ وڌيڪ مظبوط ٿيڻ گهربي هئي ان کي بيانن تائين محدود رکي ڪمزور ڪيو ويو آهي.

هينئر بحريا ٽائون سنڌو ڌرتي جي قديم ورثي کيرٿر کي چيري رهيو آهي حفيظ سوال ڪيو ته مون کي ٻڌايو هن وقت تائين اڳيان ڪير آيو آهي جنهن چيو هجي ته اسان بحريا ٽائون جي بلڊوزر کي کڻي ٻاهر ڦيٽو ڪنداسين پر کيرٿر جي ڪنهن به جيل کي قتل ٿيڻ نه ڏينداسين.

توهان ڇڏي ڏيو ته بحريا ٽائون ملير جي عوام سان ڪيتري ويڌن ڪري آهي جيڪڏهن ڪنهن ڳوٺاڻي جي ٻڪري صرف روڊ پار ڪري غلطي سان بحرياٽائون ۾ داخل ٿي وڃي ته ان جو ڏنڍ 20000 کان 10000 آهي يا وري پاڻي جو مسئلو جتي بحريا ٽائون آساني سان پاڻي کڻي رهيو آهي پر ڳوٺاڻن کي پاڻي ميئسر ناهي. انهن جي ڳوٺن کي چار ديوار اندر بند ڪري ڇڏيو آهي ڄڻ ڪنهن انسان کي جانورن وانگر واڙهي ۾ قيد ڪري ڇڏيو هجي اتي انهن کي ڪهڙيون سهولتون هونديون هي سڀ ڪجهه توهان جي گادي جي شهر ڪراچي جي ملير ۾ ٿئي پيو اسان سڀ تڪليفن کي هڪ پاسي تي رکي هتي سوال ڪريون ٿا قديم کيرٿر جي مالڪي ڪير ڪندو؟جنهن کي بحرياٽائون قتل ڪري پيو ان تي سنڌ جي قومپرستن جي خاومشي سواليا نشاني بڻيل آهي بحريا ٽائون ڄامشوري تائين پير رکي چڪو آهي تصور ڪريو جيڪڏهن بحريا ٽائون گورک حل تائين تباهي مچائي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟

سنڌ اينڊيجينس الائينس ۽ اينڊيجينس رائيٽس الائينس ڪوشش ڪري رهيا آهن ته کيرٿر کي بچايو وڃي. جيتوڻيڪ کيرٿر جي ايراضي اندر بحريا ٽائون جي هلندڙ ڪم تي سنڌ وائلڊ لائف وارن جو چوڻ هو ته بحريا ٽائون وارا کيرٿر اندر ڪم ناهن ڪري رهيا پر ماهرين جي مطابق ته جيڪڏهن ڪا به سرگرمي کير ٿر جي آس پاس به ٿيندي ته اها غيرقانوني ۽ کير ٿر کي نقصان پهچائيندي پر بحريا ٽائون کير ٿر اندر ڪم ڪري پيو جيڪو وقت جي حڪمرانن کي نظر نه آيو يا کڻي چئو ته بحريا ٽائون جي عينڪ لڳڻ سان انهن کي کيرٿر نظر نه ٿو اچي.

سنڌ اينڊيجينس الائينس جي ساٿي اختر رسول محنت ڪري نقشو تيار ڪري ثابت ڪيو ته بحريا ٽائون کيرٿر جي ايراضي ۾ ڪم ڪري رهيو آهي هنن هي نقشا پنهنجي مدد پاڻ ٺاهيا آهن ڏينهن رات هڪ ڪري ثبوت سان ڏيکاريو ته بحريا ٽائون تاريخي ماڳن کي لتاڙي رهيو آهي.

سنڌ اينڊيجينس الائينس ۽ اينڊيجينس رائيٽس الائينس وارن سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ۽ سروي به ٿي رهيو آهي ته جيئن ڏٺو وڃي ته بحريا ٽائون هن وقت تائين ڪيتري زمين تي قبضو ڪيو آهي پر وري به طاقتور ڌريون جنهن ۾ آرمي جا رٽائرڊ آفيسر ۽ تڪ جا بااثر ماڻهو جيڪي بحريا ٽائون سان مليل آهن هلندڙ سروي ۾ اثر انداز ٿي رهيا آهن. جيڪڏهن کيرٿر جي مالڪي نه ڪئي وئي ته پوءِ سنڌ جي تاريخي ماڳن کان وٺي هر جڳهه تباهه ٿي ويندي.

حفيظ بلوچ ياد ڪرائيندي چيو ته ملير ۾ سائين شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي تاريخي جڳهه تڪيا هئي جيڪا اسان جي لاءِ وڏي اهميت رکندڙ هئي ان کي ڊاهي ان جي جڳهه تي بحريا ٽائون واش روم ٺاهي پوري سنڌ کي پيغام ڏنو ته توهان جي تاريخي ماڳن جي حيثيت هيتري آهي. سنڌ کي اڳتي اچڻو پوندو، زمين کي بچائڻ ڄڻ پنهنجي وجود کي بچائڻ آهي.

دي رائيز نيوز بابت پڙهو

لاڳاپيل مضمون