
Photo Credit: online
قديمي آثار انساني تهذيب جي سڃاڻپ ۽ قومن جي قدامت جي نشاني هوندا آهن سنڌ جي قديمي آثارن مان مليل شاهديون اهو ٻڌائن ٿيون ته اسان سڌريل تهذيب جي سڃاڻپ آهيون هر قوم جي ثقافت ۽ تهذيب هوندي آهي اهڙي طرح سنڌ ڌرتي آثار قديمه سان مالا مال آهي اهڙي طرح پراڻي تهذيب ميرپورخاص ڀرسان لڳ تعلقه حسين بخش مري ۾ قائم قديمي ماڳ ڪاهو جو دڙو آهي هي شهر 300 سال قبل مسيح ان وقت جي بادشاه مهراج اشوڪ ڪمار قائم ڪيو هو
ان وقت هن شهر جي ايراضي 30 ايڪڙن تي مشتمل هئي هتان جي رهواسين جو تعلق ٻڌ ڌرم سان هو ان وقت ٻڌ ڌرم جو روحاني پيشوا مهاتما گوتم ٻڌ هتي آيو هو جنهن بعد هن شهر جو حڪمران ڪاهو راجا هو جنهن ڪري هن تي ڪاهو جي دڙي جو نالو پيو 1817ع انگريز دور ۾ نوابشاه ميرپورخاص ريلوي لائن وڇائڻ جي ڪم دوران هن شهر جا آثار مليا ان وقت جي انگريز ڪمشنر جان جيڪب پاران هن دڙي جي کوٽائي شروع ڪئي ويئي کوٽائي ۾ گوتم ٻڌ جو اسٽوپا مليو جنهن ۾ مهاتما گوتم ٻڌ جي رک پيل هئي ان کانسواءَ مورتيون ، سڪا ، پڪيون سرون ، مٽي ۽ پتل جي ٿانون سميت ٻيا نوادرات پڻ مليا هئا جيڪي اڄ به بمبئي جي ميوزيم گهر ۾ پيل آهن سال 1947ع تائين قديمي ماڳ جي حفاظت ٿيندي رهي جڏهن ته قديمي ماڳن جي حفاظت ڪرڻ آرڪيالاجي کاتي جو ڪم هوندو آهي
The Rise News
پر کاتي جي لاپرواهي سبب هي ماڳ ميسارجڻ لڳو ماڳ جي زمين تي بااثر قبضا مافيا پاران گهر ٺاهي قبضا ڪيا ويا ماضي ۾ هن ماڳ تي قبضي جو ملڪ جي اعليٰ عدالت پاران نوٽس وٺڻ بعد ضلع انتظاميه پاران دڙي تي ويٺلن کي اٿاري متبادل جڳھ ڏني ويئي هئي 18 هين ترميم بعد آرڪيالاجي کاتو صوبي جي حوالي ٿيڻ باوجود هن ماڳ جي حفاظت نه ٿيڻ سبب قبضا مافيا پاران ٻيهر هن جي زمين تي قبضا ڪيا ويا مٽي ڪڍي ماڳ کي ميساري ڇڏيو

Photo credit: author
پر افسوس سنڌ حڪومت هن ماڳ کي بچائڻ لاءٌ ڪي به قدم نه کنيا نه وري هن جي سار سنڀال لاءٌ عملو مقرر ڪيو ويو جنهن ڪري هن قديمي ماڳ جي ايراضي 30 ايڪڙن مان گهٽجي ڪجھ ايڪڙن تي وڃي بچي آهي ڏٺو وڃي ته قومون پنهجي ثقافت ۽ تهذيب سان سڃاتيون وڃن ٿيون ضرورت هن ڳالھ جي آهي ته سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ڪاهو جي دڙي کي محفوظ بڻائي هتي عجائب گهر قائم ڪري دڙي مان نڪتل قيمتي نوادرات کي بمبئي مان آڻي عجائب گهر ۾ رکيون وڃن دڙي تي تحقيق ڪري هن تي جامع ڪتاب ڇپرايو وڃي ته جيئن ايندڙ نسلن کي پنهجي قديمي ماڳ بابت آگاهي ملي سگھي
Support The Rise News click here to donate