عيسائي نينگري کي اغواه ۽ مذهب تبديل ڪيو ويو

ڪراچي شهر ۾ رهندڙ عيسائي نينگري کي اغواه ۽ مذهب تبديل ڪيو ويو آهي نينگري جي عمر ننڍڙي ٻڌائي وڃي ٿي

دي رائيز نيوز ناري جي گهرڀاتين سان رابطو ڪرڻ تي ناري جي ماءُ جو چوڻ هو ته هن کي ٻه ڌيئريون جيڪي معصوم ۽ ننڍي عمر جو آهن. اڄ هن جي ڌيءَ کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ هو پر ان کي عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو

جڏهن ته هن ڪيس تي قومي اسيمبلي ۽ مسلم ليگ ن جو ميمبر کيل داس ڪوهستاني سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي، واقعي جي مذمت ۽ بلاول ڀٽو کي گذارش ڪئي ته هو ڪيس تي نوٽس وٺي

https://twitter.com/KhealDas/status/1200348173505572864

دي رائيز نيوز سان ڳالهائيندي کيل داس ڪوهستاني چيو ته سنڌ حڪومت ننڍي عمر جي ٻارن جي شادي خلاف بل پاس ڪرايو هو ان تحت ناري کي واپس ڪري سگهجي ٿو اسان اُميد ڪيون ٿا ته بل تي عمل ڪيو ويندو


Photo Credit: Girl’s mother

سنڌ حڪومت طرفان ننڍي ڄمار ۾ ٻارن جي شادي خلاف بل پاس ڪيو ويو هو سنڌ حڪومت ان بل تحت غير مسلم نارين کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام نظر اچي ٿي هن وقت تائين ڪيتريون ئي ننڍي ڄمار جون غير مسلم ناريون جو مذهب تبديل ٿي چڪو آهي


Photo Credit: Girl’s mother

دي رائيز نيوز عيسائي ناري جي حوالي سان عمر ۽ ويجهڙائي ۾ تبديل ٿيندڙ نالي جا ڪاغذات حاصل ڪيا آهن جنهن ۾ واضح طورتي ناري جي ڄمار جي حوالي تاريخ لکيل آهي ۽ ٻئي ڪاغذ ۾ هن جو نئون نالو شناختي ڪارڊ ۾ ظاهر ٿئي ٿو

Read زوريءَ مذهب مٽائڻ خلاف بل جي ضرورت آهي

دي رائيز نيوز هن ڪيس جي حوالي سان سنڌ حڪومت جي ميمبرن مرتضيٰ وهاب ۽ هري رام سان رابطو ڪري موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪو به جواب نه مليو

Support The Rise News click here to donate

لاڳاپيل مضمون