اٽو مهانگو 65 کان 70 في رپيا ڪلو

Photo credit: Online

ٽنڊومحمدخان  ظلعي ۾ اٽي جو بحران ختم ن ٿيو چڪي مالڪن ۽ دڪاندارن  پاران اٽو 65 کان 70 رپيا في ڪلو وڪرو ٿيڻ لڳو ظلعي انتظاميا خاموش  تفصيل موجب   ٽنڊومحمدخان  شهر ۾ اٽي جو بحران وڌي ويو چڪي  مالڪن في ڪلو ڪڻڪ جو اٽو 65روپين کان 70 رپين تائين اٽو  وڪرو ڪيو پيو وڃي

  شهرين  جو چوڻ آهي ته ٽنڊومحمدخان ۾ خوراڪ کاتي جي عملدارن جي نااهلي ڪري ڪڻڪ جو اٽو سرڪاري اگهه 45 روپيا في ڪلو وڪڻڻ بجاءٌ چڪي ۽دڪاندارن وارا 65 کان 70 رپين تائين  وڪرو ڪري رهيا آهن

 جڏهن ته ڪڻڪ جي اٽي ۾ ڪچرو پڻ شامل هئڻ جي  شهري  پاران شڪايت آھي شھري  پريشان آهن هنن اعلي اختيارين ۽ ظلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته وڌيڪ اگھ وٺندڙن  چڪي جي مالڪن  ۽ دڪاندارن خلاف قدم کڻي سرڪاري اگهه ته اٽو وڪرو ڪرڻ جو چڪي مالڪن کي پابند بڻايو وڃي ھنن چيو ھن حڪومت  ۾ عوام مٿان مهنگائي جو  وڏو بم ڪيرايو آھي  ھاڻي ته عوام کان ماني جي ڳڀي جو  جياپو کسيو پيو وڃي اسان غريبن ۽ مسڪينن کي ايتري ڏهاڙي مزدوري جي  نه ٿي ملي  جيتري مهنگائي ٿي آھي

Support The Rise News click here to donate

لاڳاپيل مضمون