سنڌ يونيورسٽي جي هاسٽلن ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاج ڪندڙ شاگردن مٿان مۡلڪ جي بغاوت جو ڪيس داخل

سنڌ يونيورسٽي جي 13 شاگردن ۽ 4  نامعلوم شاگردن مٿان سرڪار جي فرياد تي ڄامشورو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو

ڪيس ۾ ملڪ خلاف بغاوت، وال چاڪنگ ڪرڻ جا قلم
داخل ڪيا ويا آهن A .120.B 123A .124 120 .153 PPC

شاگردن جي لاءِ چيو وڃي ٿو ته انهن رياست خلاف نعره هنيا آهن

FIR Copy

ذريعن مطابق ته اهو هميشه ڏٺو ويو آهي ته جڏهن به شاگردن نعره هنيا انهن کي ان وقت ئي فورسز گرفتار ڪنديون آهن. پر هن ڪيس ۾ شاگردن کي گرفتار نه پر انهن جي مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

شاگردن جو چوڻ ته هاسٽلن ۾ پيئڻ جي پاڻي کوٽ خلاف پرامن احتجاج ڪيو هو ان لا۽ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن مٿان پوليس ڪيس داخل ڪيو آهي

دي رائيز نيوز سنڌ يونيورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر فتح برفت ۽ ايس ايس پي امجد شيخ سان موقف وٺڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو پر انهن ٻنهي طرفان ڪو به جواب نه ڏنو

لکمير زرداري جنهن جو نالو ڪيس ۾ شامل ڪيو آهي ان دي رائيز نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته انهن جو احتجاج صرف ۽ صرف هاسٽل ۾ سهولتون جي اڻهوند تي هو شاگرد مسلسل احتجاج ڪندا رهيا آهن پر انهن کي ڪا خاص موٽ نه ڏني وئي. هن ايف آءِ آر تي چيو ته اهو ڪيئن ممڪن آهي جو هڪ طرف اسان انتظاميا سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا هئاسين ۽ اسان وال چاڪنگ ڪيئن ڪري سگهون ٿا؟ اسان مان ڪنهن به مۡلڪ جي خلاف ڪا به نعريبازي نه ڪئي بناجواز اسان مٿان ڪوڙا الزام هڻي اسان جي احتجاج کي دٻايو پيو وڃي

Support The Rise News click here to donate

لاڳاپيل مضمون