
پي آءِ اي جهاز فلائيٽ پي ڪي 8303، 99 مسافر جمع ڏهاڙي 22 مئي، 2020 تي لاهور کان ڪراچي کڻي اچي رهيو هو
ڪراچي ايئرپورٽ جي ويجهو رهائشي علائقي ۾ ڪري تباهه ٿي ويو جنهن ۾ 97 فوت ۽ ٻه ڄاڻا بچي ويا جيتوڻيڪ هن وقت تائين 19 فوتگين جي سڄاڻپ ٿي سگهي آهي
سرڪاري اداري طرفان تفتيش جو حڪومت ڏنو ويو آهي ۽ فوتگين کي معاوضو ڏيڻ جو به علان ڪيو ويو
پي آءِ اي جي سربراهه ارشد ملڪ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جهاز ۾ ٽيڪنيڪل طورتي محفوظ هو ۽ ڪا به خرابي نه هئي ۽ ٽيم به بهتر هئي
A Sample Collection for DNA Tests has been established at Forensic DNA Lab University of #Karachi. Family members of the passengers of #PK8303 may visit for samples that would be required for cross match.
— Heath & Population Welfare Department, GoS (@SindhHealthDpt) May 22, 2020
Contacts: 111222292-370; 03422762024, 03319092132
جڏهن ته ٻئي پاسي جهازجي پائليٽ جا آخر لفظ ميڊيا تي رپورٽ ٿيا ته جهاز جي انجڻ خراب ناڪارا ٿي پئي آهي
تفتيش ڪميٽي ٺهڻ تي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نفيسه شاهه سوشل ميڊيا تي اعتراض ورايو آهي
Can this committee of serving junior airforce officers & #AAIB which is part of #CivilAviation do credible investigation? CivilAviation must be under scrutiny for all air investigations as they are responsible for flight operations, standards, safety&air traffic. #PIAPlaneCrash pic.twitter.com/ZRZOgGMqrz
— Nafisa Shah (@ShahNafisa) May 23, 2020
سوشل ميڊيا تي شهرين حڪومت کان حادثي جي حوالي سان جاچ جي گهر ڪئي آهي
پاڪستان ۾ هي سانحو ان وقت پيش آيو جڏهن پاڪستان اڳ ئي ڪروناوائرس ۾ 53199 ۽ فوت 1115 ٿيا آهن