ڪاجول ميگهواڙ، هندو ناري جيڪا 15 سالن ۽ نون مهينن جي عمر جي آهي، ان کي 29/30 ڊسمبر 2024 تي گلزار قريشي ڳوٺ، ميرپورخاص مان اغوا ڪيو ويو ۽ سندس هن جو زبردستي مذهب پير سرهندي درگاهه تي مٽايو ويو. هن کي اغواه ڪندڙ شخص پهُنو سان شادي ڪرائي وئي، جيڪو هن کان گهڻو وڏو آهي.
ڪاجول، ڪوٽ غلام محمد، ميرپورخاص ۾ ڏهين ڪلاس جي شاگردياڻي آهي. دي رائيز نيوز (ٽي آر اين) ناري جي والد ڏيا رام ميگهواڙ، جيڪو هاري ڪميٽي جو اڳواڻ آهي، سان رابطو ڪيو، جنهن تصديق ڪئي ته سندس ڌيءَ کي زبردستي اغوا ڪري اسلام قبول ڪرايو ويو آهي.
8 جنوري 2025 تي، ڪاجول کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي هن دعويٰ ڪئي ته هوءَ پنهنجي والدين کي نه ٿي سڃاڻي. هن جي بيان تي جج ۽ عدالت ۾ موجود ٻين ماڻهن ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، ڇاڪاڻ ته هن ڳالهه تي يقين ڪرڻ مشڪل هو ته هڪ ڇوڪري پنهنجن والدين کي ڪيئن سڃاڻي نه ٿي سگهي. هاري ڪميٽي جو اڳواڻ، اقبال مغل، موجب ڪاجول خوف ۾ هئي جڏهن هوءَ پنهنجا بيان ڏئي رهي هئي.

ڏامرو مل ميگهواڙ، جيڪو ڪاجول جي خاندان جي ويجهو آهي ۽ هو عدالت ۾ موجود هو. هن ٻڌايو ته هوءَ انهن ماڻهن خلاف بيان ڏيڻ جي حالت ۾ نه هئي، جن کيس اغوا ڪيو هو. ميگهواڙ وڌيڪ ٻڌايو ته ڪاجول عدالت ۾ پنهنجي ڀيڻ سان اعتراف ڪيو ته هوءَ پنهنجن والدين سان گڏ نٿي وڃي سگهي، ڇاڪاڻ ته اغوا ڪندڙ عدالت جي ٻاهران موجود آهن ۽ هوءَ پنهنجي خاندان جي حفاظت لاءِ خوفزده آهي.
ٽي آر اين جڏهن ميگهواڙ کان پڇيو ته ناري جي خاندان طرفان ايف آر اي رپورٽ (FIR) داخل ڪرڻ ۾ دير ڇو ڪئي، ته هن ٻڌايو ته متاثر خاندان کي واعدو ڪيو ويو هو ته ڪاجول کي راڄوڻي ڳالهين ذريعي واپس ڪرائيندا. پر ڪاجول کي والدين کي واپس ڪرڻ بجاءِ ان جو مذهب مٽرايو ويو
ميگهواڙ وڌيڪ ٻڌايو ته هندو نارين جي ڪيس ۾ هميشه راڄوڻي ڳالهين جي آڙ ۾ والدين مٿان زور ڀريو ويندو آهي ته اهي ايف آر اي داخل نه ڪرائين. هن سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته سنڌ چائلڊ ريسٽرينٽ ميريج ايڪٽ اغواه.ٿيندڙ هندو نارين کي تحفظ ڏيڻ ۾ مڪمل طورتي ناڪام ٿيو آهي
.متاثر خاندان جي پوري ڪوشش آهي ته هو قانوني جنگ وڙهندا ۽ پنهنجي ڌي واپس ڪرائيندا