سنڌ ۾ پهرين خبرون هندو ناري جي مذهب تبديلي جون اينديون هيون هاڻي هڪ ئي خاندان يا ڪميونٽي جون ٽئي چار نارين کي اغواه ڪري انهن جو مذهب تبديلي ڪيو پيو وڃي. جون ۽ جولائي جي مهينن ۾ شهدادپور ۽ ٽنڊوالهيار مان هندو نارين جو مذهب تبديل ڪيو ويو. شهدادپور جي واقعي کي ويجهڙائي کان ڏٺو آهي پر ان جون ئي ڪڙيون ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان مذهب تبديلي جي هر ڪيس ۾ ملنديون. اڄ توهان سان شهدادپور واقعي ۾ اصل ڇا ٿيو ۽ ڪيئن هندو نارين جو برين واش ڪري انهن جو مذهب تبديل ڪيو پيو وڃي شيئر ڪندس.
شهدادپور هندو نارين جو مذهب تبديل
هڪ ئي خاندان جي 3 هندو نارين ۽ نينگر جي مسلمان ٿيڻ , جماعت اسلامي جي انتظام هيٺ هلندڙ شيلٽرهوم ۾ پناھ وٺڻ، ۽ هندو نارين جو مسلمان ٿيڻ بعد جماعت اسلامي جي عورتن واري ڊريس ڪوڊ ۾ سامهون اچڻ، ڪورٽ ۾ برين واشنگ بعد نينگر هريجيت ڪمار جي پنهنجي والدين ۽ وارثن سان لاتعلقي واري رويي ۽ مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي وڏي تعداد ۾ گڏ ٿيڻ مان اهو ته ثابت ٿي ويو ته هي معاملو رواجي طور تي محض هڪ ٻن هندو نارين جي مذهب تبديل ڪرڻ جو ناهي بلڪه هڪ جهادي مائنڊ سيٽ جي منظم انتها پسند گروھ جو آهي جيڪو هڪ منظم پلاننگ ۽ حڪمت عملي تحت ڪنهن وڏي منصوبي تي ڪم ڪري رهيو هو.
ڪراچي جي نوجوان عبدالرحمان پٺاڻ جو جيا ٻائي سان تعلق جو ويڊيو بيان جاري ٿيڻ کانپوءِ هن پنهنجي موقف ۾ چيو ته ويڊيو بيان کي مخالف اي آئي (AI) ذريعي جنريٽ ڪيا آهن هاڻ هن کان ۽ کيس گائيڊ ڪندڙ گروھ کان ڪير پڇي ته آخر ڪنهن کي ڪهڙي ضرورت پئي آهي ته هڪڙي غير واقف ۽ اڻڄاڻ نوجوان جو ويڊيو ڪلپ ايڊٽ ڪري رکي جڏهن ته حقيقت هي آهي ته شهدادپور جي صحافين کي هن ئي نوجوان نارين ۽ نينگر جا اسلام قبول ڪرڻ وارا ويڊيو واٽس ايپ تي شيئر ڪيا بلڪه اسلام قبول ڪندڙ نارين ۽ نينگر جي ڪورٽ ۾ پيشي دوران به هي نوجوان عبدالرحمان پٺاڻ ڪورٽ ٻاهريان موجود رهي سموري صورتحال کي مانيٽر ڪري مٿي رپورٽ ڪندو رهيو.
هندو نارين جي مسلمان ٿيڻ واري معاملي جي نشاندهي هڪ مهينو اڳ ۾ شهدادپور جي رهواسي انسان دوست شخص طرفان ٿي جيڪو پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ ملازم آهي هن اهو معاملو هندو پنچائت جي اڳواڻن آڏو آندو ته زيڊ اي ڪي (Z. A.K) اسڪول ۾ پڙهندڙ ٻارن جي برين واشنگ ڪئي پئي وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ ڊشا ۽ هرجيت جي گهروارن کي ٻارن جي مسلمان ٿيڻ جو شڪ پيو جنهن بعد هنن رواجي والدين وانگر ناري ۽ نينگر تي سختي ڪئي ۽ ان معاملي تي هوء ڪراچي ۾ مسلمان ٿيل پنهنجي وڏي ڀيڻ ميڊيڪل جي شاگردياڻي جيا ٻائي ۽ ان کان ننڍي ڀيڻ ڄامشوري جي لمس ۾ بي ايس جي شاگردياڻي ديا ٻائي سان رابطي ۾ هئا ۽ جيا ۽ ديا وري انهيء سهولتڪار گروھ سان رابطي ۾ هيون، صورتحال جون ڪڙيون ملائڻ کانپوء جيڪا صورتحال سامهون اچي پئي ان مطابق هندو نارين جي مسلمان ٿيڻ واري معاملي جي ڦاٽ کائڻ کانپوء جيا ٻائي جي 12 جون تي عبدالرحمان پٺاڻ سان نڪاح ڪرايو ويو ته جيئن مسلمان ٿيل نارين تي ڪنٽرول کي وڌيڪ مضبوط ڪري سگهجي، هيڏانهن شهدادپور ۾ ڊشا ۽ هرجيت وارا گهروارن جي مبينا سختي کان پريشان هئا جنهن بعد ٻنهي ڀيڻين ۽ انهن جي سرپرستي ڪندڙن جي هدايت تي ڊشا ۽ هرجيت کي 18جون تي گهران نڪري اچڻ لاء چيو ويو ڪجھ ذريعا اهو به چون ٿا ته ڊشا ۽ هرجيت کي ڪراچي مان عبدارحمان پٺاڻ ڪراچي مان ڪار تي وٺڻ لاء آيو هو.
هي شهدادپور مان روانا ٿي ڄامشوري پهچن ٿا جتان ديا کي پاڻ سان کڻي ڪراچي جي اورنگي ٽائون واري علائقي ۾ شاهراه نورجهان تي موجود گوشه عافيت شيلٽر هوم تي اچي پناھ وٺن ٿا ڇاڪاڻ ته معاملو ظاهر ٿيڻ کانپوء هاڻ تحفظ لاء هنن جو هڪٻئي سان گڏ هجڻ ۽ هڪ ئي هنڌ تي هجڻ ضروري ٿي پيو هو جنهن لاء گذريل 3 سالن کان جيا جو اچڻ وڃڻ ۽ رابطو هو ۽ عبدالرحمان پٺاڻ مطابق جيا جو هن جي ڀيڻ سان رابطو هو ۽ هن وٽ ئي هن دوباره ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي هئي !!! هاڻ عبدالرحمان پٺاڻ جي ڀيڻ مدرسي يا شيلٽر هوم جي مهتم آهي يا نگران يا وري ڪا عالمه يا مذهبي تنظيم جي خاتون ونگ جي ڪا عهديدار اهو معاملو اڃا اڳتي هلي ظاهر ٿيندو.
شهدادپور شهر ۾ هندو ڪميونٽي ۾ سليپر سيل وانگر ڳجهي نموني ڪم ڪندڙ نيٽورڪ پويان اصل قوتون
شهدادپور واقعي جو سڀ کان بنيادي ۽ اهم سوال اهو آهي ته هندو نارين ۽ نينگرن جي مذهب تبديل ڪرڻ جو بنيادي ۽ پرائمري سورس ڪهڙو آهي , ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيل خبرن موجب والدين جنهن اسڪول جي استادن تي اغوا جي ايف آئي آر ڪٽرائي ڇا انهن استاد ٻارن تي اسلامي تبليغ يا برين واشنگ ڪئي آهي يا انهن جي پويان هڪ منظم گروھ آهي جيڪو هندو ديوانن جي ٻارن کي ڪنورٽ ڪرڻ واري منصوبي سان لڳل آهي.
شهدادپور سانگهڙ روڊ تي موجود ٽنڊوآدم تعلقي جي لانڍي اسٽاپ کان درگاھ حسن شاھ جيلاني جي ڀرسان ڊٺڙو شريف کان 50 سال اڳ لڏي شهدادپور اچي ويهندڙ سارنگ خاصخيلي جو خاندان آهي جنهن ۾ محمد علي خاصخيلي ايگريڪلچر ڊپارٽمينٽ ۾ آفيسر مقرر ٿيو ۽ سندس ٻيا ڀائر خاص طور تي ذوالفقار خاصخيلي شهدادپور شهر ۽ ان جي پسگردائي وارن علائقن ۾ تعليم جي حوالي سان هڪ معتبر نالو سڏيو وڃي ٿو ۽ هن جي ئي نالي تي سوائي روڊ واري علائقي ۾ زيڊ اي ڪي (Z.A.K ) اسڪول آهي جنهن جي چوڌاري هندو ديوانن جي وڏي آبادي رهي ٿي ۽ هن اسڪول جو پرنسپال فرحان خاصخيلي آهي جنهن جو نالو ايف آئي آر ۾ پرائم سسپيڪٽ طور آيو، صبح جو اسڪول ۽ شام جو ٽيوشن سينٽر طور هلندڙ سوائي روڊ تي موجود هن اسڪول ۾ پڙهندڙ 70 سيڪڙو ٻار ديوان ڪميونٽي جا آهن ۽ هنن جي فيسن سان ئي هن اسڪول جي قسمت بدلي آهي.
اسلام قبول ڪندڙ ڀڳوانداس لوهاڻا جون نياڻيون ۽ اشوڪ ڪمار جو نينگر به هن ئي اسڪول مان فيضياب ٿيا آهن، اسڪول جي پرنسپال فرحان خاصخيلي جي حوالي سان مختلف ذريعا تصديق ڪن پيا ته هوء مذهبي طور شدت پسندانه خيال رکندڙ استاد آهي جنهن شروعاتي طور تي هندو ٻارن کي اسلام قبول ڪرڻ ڏانهن راغب ڪيو ۽ سندن مٿان ڪيل مسلسل تبليغ ۽ برين واشنگ جو بنيادي سورس به اهو ئي استاد آهي جنهن بابت هڪ ٻئي هندو ٻار وڪاش ڪمار ولد جئه پرڪاش جو ويڊيو بيان به منظرعام تي آيل آهي.

ان کان علاوه هن ئي اسڪول ۾ ٽيچنگ ڪندڙ مختلف ٽيچرز به انهيء ڳالھ جي تصديق ڪن ٿا ته فرحان خاصخيلي ڪلاس وٺڻ دوران هوء ٻارن جي مسلسل برين واشنگ ڪندو رهندو هو، سوائي روڊ جا مختلف هندو خاندان اهو به چون ٿا ته جيا ٻائي، ديا ٻائي، ڊشا ٻائي ۽ نينگر هرجيت ڪمار عرف هني جو پنهنجي اسڪول جي پرنسپال ۽ استاد فرحان خاصخيلي جي گهر تمام گهڻو اچڻ وڃڻ هو ۽ ڪي ذريعا اها به تصديق ڪن ٿا ته فرحان خاصخيلي نينگر هرجيت ڪمار کي پنهنجي پٽ وانگر ٽريٽ ڪندو هو، توڙي جو فرحان خاصخيلي ميڊيا ۾ اچي ان ڳالھ جي ترديد ڪئي آهي ته سندن ان معامري سان ڪو تعلق ڪونهي پر آزاد ۽ ويجها ذريعا ٻڌائين ٿا ته فرحان خاصخيلي هندو ناري ۽ نينگر جي مذهب تبديل ڪرڻ پويان بنيادي ۽ پرائمري سورس آهي. 14 سالن جي نينگر هرجيت ڪمار جي مسلمان ٿيڻ جي سند به شهدادپور جي جماعت اسلامي جي انتظام هيٺ هلندڙ مدرسي ڏني آهي لازمي آهي ان کي مدرسي پهچائي ڪلمو ڀرائي اسلام قبول ڪرائڻ کان وٺي لکت ۾ سند جاري ڪرڻ پويان ڪنهن جي ته سپورٽ آهي جيڪڏنهن ان معاملي ۾ فرحان خاصخيلي ملوث ناهي ته پوء اهي لڪل هٿ ظاهر ٿيڻ کپن جن کي هوء دين جي وڏي خدمت طور ڏسن ٿا.
جيا ٻائي جي 3 سال اڳ اسلام قبول ڪرڻ کانپوء به پنهنجي هندو خاندان سان سلهاڙيل هجڻ جو بنيادي مقصد ڇا هو
جيا ٻائي ميڊيا آڏو اعتراف ڪيو ته هن 3 سال اڳ ۾ اسلام قبول ڪيو هاڻ سوال اهو ته پيدا ٿئي ته 3 سال پهريان جيا ٻائي اسلام قبول ڪيو ته پوء هن پنهنجو هندو خاندان سان لاتعلق ڇو نه ٿي!! ڇا اهو صرف ڊاڪٽري جي تعليم مڪمل ڪرڻ لاء گهربل خرچ حاصل ڪرڻ لاء مصلحت هئي يا پوء هوء هڪ منظم پلاننگ سان هڪ ٽارگيٽ طور سليپر سيل طور ڪم پئي ڪيو جنهن ۾ هن جي خاندان جي ٻين نارين ۽ نينگرن کي مسلمان ڪرڻ جو ٽاسڪ مليل هو , هوء ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ۾ جماعت اسلامي جي عورت ونگ جي تنظيم سان مسلسل رابطي ۽ سندن سرگرمين جو حصو هئي ۽ هن هڪ ٽاسڪ ۽ مقصد طور پنهنجي 2 ڀيڻين ۽ پنهنجي ماسات نينگر کي مسلمان ڪيو , اهي حقيقتون يا ته خود جيا ٻائي پاڻ ظاهر ڪري سگهي ٿي يا 17 سالن جي ڊشا ۽ نينگر هرجيت ظاهر ڪري سگهن ٿا جيڪي هن وقت مسلمان حالت ۾ وارثن حوالي ٿيل آهن۔
شهدادپور جي هندو خاندانن جا 50/60 ٻار مسلمان ڪرڻ وارو ٽارگيٽ
شهدادپور جا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ ٻيا سياسي سماجي ذريعا اهو به ٻڌائين ٿا ته شهدادپور جي هندو ڪاروباري ديوان برادري جا 50/60 ٻارڙا انهيء مذهبي انتهاپسندي جي منظم گروھ جي سليپپر سيل جي ٽارگيٽ تي هئا جن کي مسلمان ڪرڻ لاء اندروني طور ورڪ ۽ برين واشنگ جاري هئي جيڪڏنهن هيء معاملو نه ڦاٽي ها ته اندران ئي اندر ان ٽاسڪ تي ڪم جاري هو ۽ ذريعا اهو به دعواي به ڪن ٿا ته شهدادپور جي ديوان برادري جو هڪ ٻئي خاندان جون نينگريون ۽ نينگر به تيار هئا پر في الحال هي معاملو ظاهر ٿيڻ کانپوء اهو مامرو سامهون اچڻ کان رهجي ويو آهي۔ جيڪڏنهن شهدادپور جي ڪاروباري ديوان برادري جا 50/60 ٻار مذهب تبديل ڪري ڇڏين ها ته پوء انهن ڪاروباري خاندانن جي ذهني حالت ڪٿي بيهي ها ۽ ان جو فائدو ڪنهن کي ٿئي ها اهو نقطو به غور طلب آهي۔
اتر سنڌ کانپوء سنڌ جا بارڊر ايريا وارا علائقا انتهاپسندن جي نشاني تي
اتر سنڌ ۾ امن امان جي خرابي ۽ قبائلي سردارن ۽ ڌاڙيلن جي ڳٺ جوڙ سبب سنڌ جي اصلوڪي رهواسي هندو ديوان برادري هونئن به عتاب هيٺ آهي ۽ ان جي نتيجي طور تي هندن جو وڏو ڪاروباري حلقو سنڌ ڇڏي انڊيا منتقل ٿي رهيو آهي ٻئي پاسي رياست جي مشينري طور ڪم ڪندڙ مذهبي انتهاپسند تنظيمن جو ٽارگيٽ سنڌ جي بارڊر ايرياز وارا ضلعا آهن.
ٿر جي مٺي ضلعي ۾ جهڙي طرح مذهبي تنظيمن جا خيراتي ادارا ڪم ڪري رهيا آهن ۽ ان جي پويان سندن ڪهڙا مقصد آهن اها ڳالھ هاڻ ڪنهن کان لڪل ناهي، عمرڪوٽ جي هندو آبادي جي اڪثريتي علائقي ۾ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جو بيرحماڻو قتل ۽ ميرپورخاص ۾ ثقافتي ۽ موسيقي جي پروگرامن جي بندش وارا مامرا اسان سڀني جي سامهون آهن باقي رهيو هندو آبادي وارو وڏو ضلعو سانگهڙ جتي به 2022 کان زراعت جي شعبي سان لاڳاپيل هندن جي شيڊيولڊ ڪاسٽ ڀيل، مينگهواڙ ۽ ڪولهي مسلسل لڏپلاڻ ڪري انڊيا جي راجسٿان واري علائقي ڏانهن وڃي رهيا آهن ۽ جيڪي رهيل آهن انهن جا ٽپڙ ٻڌا پيا آهن رڳو موقعي جي انتظار ۾ آهن, باقي رهي سانگهڙ , سنجهوري ۽ شهدادپور جي ڪاروباري ديوان برادري انهن خلاف مذهبي سليپر سيلز پنهنجي ڪم سان لڳل آهن جنهن جو مثال شهدادپور واقعو آهي. رياست جي سنڌ ۽ ان جي اصلوڪن رهواسين بابت پاليسي ڇا آهي ۽ ان حوالي سان ڪهڙي حڪمت عملي تي ڪم ڪري رهيا آهن اها ڳالھ هاڻ ڪنهن کان به ڳجهي نه رهي آهي۔








