
سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ پهريون ڊرائيو ٿيرو ڪرونا وائرس ٽيسٽ متعارف ڪرائي ڇڏي جنهن ذريعي هاڻي شهرين آساني سان پنهنجي ٽيسٽ ڪرائي سگهندا
بلدياتي کاتي جي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته صوبائي حڪومت هي سروس عام شهرين لاءِ ڏئي رهي آهي ته جيئن هو پنهنجي ڪرونا وائرس ٽيسٽ ڪرائي سگهن. ان لاءِ صرف هڪ فون ڪال ذريعي ڪوڊ نمبر حاصل ڪري، گاڏي اندر ئي ٽيسٽ ڪئي ويندي
وزير ناصر حسين شاهه ٽوئيٽ ذريعي پيغام ڏنو ته صحت ۽ بلدياتي کاتي جي مدد سان پهريون ڊرائيو ٿيرو سينٽر قائم ڪيو ويو آهي
Have inaugurated the first Drive-Through #COVID_19 Testing Center eatablished by Health and LocalGovt departments, in Karachi. Got myself tested too,it turned out negative alhamdolillah. These drive-through testing centers will be introduced in other cities of Sindh inshaAllah.
— Syed Nasir Hussain Shah (@SyedNasirHShah) March 31, 2020
هن وڌيڪ چيو ته ڊرائيو ٿيرو سينٽر پوري صوبي ۾ کوليا ويندا. ڪورانا وائرس ٽيسٽ جي بابت ماڻهن گهُر ڪئي هئي. هاڻي هن سينٽر ذريعي ٽن مرحلن دوران ٽيسٽ ڪئي ويندي پڻ خاص ايڪسري مشين به لڳل آهي جيڪا ماڻهن جو چيڪ ڪندي
سنڌ صوبي ۾ 30 مارچ تائين ڪرونا وائرس جا ڪيس گهٽ رپورٽ ٿي رهيا هئا پر 24 ڪلاڪن اندر 64 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن هاڻي سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جا ڪيس وڌي رهيا آهن. پاڪستان ۾ 1943 ڪيس رپورٽ ۽ 24 موت رپورٽ ٿي چڪيون آهن
جڏهن ته پوري دنيا ۾ هن وقت تائين 800،000 ڪرونا وائرس ڪيس ۽ موت 38،178 ٿيون آهن. آمريڪا ۾ ڪرونا وائرس جا ڪيس 164،160 رپورٽ ٿيا آهن جن جو انگ چائنا ۽ اٽلي کان مٿي آهي
Support The Rise News Click here to donate