ڊينيل پرل آمريڪي صحافي جي قاتل جي موت جي سزا کي ستن سالن ۾ تبديل ۽ ٻين ٽن آزاد

Journalist Daniel Pearl – file photo

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻن ججن تي ٻڌل بينچ خميس ڏينهن 18 سالن کان پوءِ احمد عمر شيخ جي موت جي سزا کي ستن سالن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو

آمريڪي صحافي ڊينيل پرل کي قتل ڪرڻ جي ڏوهه ۾ احمد عمر شيخ کي موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي. عدالت چيئن ڏوهارين مان ٽن ڄڻن کي آزاد ۽ عمر شيخ جي موت جي سزا کي ست سالن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو

عالمي ميڊيا جي اداري سان عمر شيخ جي وڪيل خواجه نويد ڳالهائيندي چيو ته عمر شيخ 18 سالن قيد ڪاٽي چڪو آهي ۽ آيل 7 سال انهن ۾ شامل ڪيا ويندا. هن کي جلد ۾ آزاد ڪيو ويندو

Read More: ڊينيل پرل ورلڊ ميوزڪ ڊيز آمريڪي سفارتخاني ۾ ڊينيئل پرل جي ياد ۾ پروگرام

جيتوڻيڪ اي پي نيوز اداري جي مطابق ته هن قتل ۾ شامل ٻيا ڏوهاري ڪڏهن به گرفتار نه ڪيا ويا

ڊينيل پرل آمريڪي صحافي، وال سٽريٽ جرنل ۾ ڪم ڪري رهيو هو 2002 ۾ پاڪستان آيو ۽ دهشتگردن تي رپورٽ ڪري رهيو هو. ڊينيل جنوري 2002 کان گمشده ٿي ويو ۽ هڪ وڊيو جيڪا آمريڪي سفيرن کي ملي جنهن مطابق خبر پئي ته ڊينيل پرل زندهه ناهي رهيو. ڊينيل پرل جو سرقلم ڪيو ويو

Support The Rise News click here to donate

لاڳاپيل مضمون