اُن جي هٿ ۾
هڪ پراڻو فائل هو،
عدالت جي ڪمري ۾
موجود هر ماڻهوءَ ان جهور پوڙهي کي ڏٺو،
۽ ڪرسي تي ويٺل وڪيل رڙ ڪري پڇيو،
اڙي پوڙهي تون هتي ڪيئن آئي آ؟!
ايتري ۾ جج جي نظر به ان جهور پوڙهي تي پئي،
جج پڇيو،
جيڪڏهن تنهنجو هتي ڪيس ناهي ته پوءِ تون هلي وڃ،
اُن جهور پوڙهي،
نرم لهجي ۾ چيو ته،
مان سنڌ آهيان،
۽ مان پنهنجي بچاءُ جو ڪيس وڙهڻ آئي آهيان،
(عدالت جي ڪمري ۾ ٽهڪڙو مچي ويو)
جج چيو، تنهنجو ڪيس اسان نه ٿا وڙهي سگهون،
پوڙهي، جج کي غور سان ڏسي چيو ته،
نه … ائين نه چئو،
توهان کي درحقيقت ائين چوڻ گهرجي،
ته توهان جي ترازي ۾ ايتري طاقت ئي ناهي،
جو هو منهنجي ڪيس جو بار جهلي سگهي. (هلينا)
اسان سڀني کي پنهنجو پاڻ کان سوال ڪرڻ گهرجي ته ڇا سنڌ پنهنجي بچاءُ جو ڪيس مضبوطي سان وڙهي رهي آهي مان هينئر (Ifs & Buts ) جي چڪر ۾ نه پوندم. ڳالهه سڌي ڪرڻ جو وقت اچي چڪو آهي يا کڻي اهو چوان ته ڳالهه سڌي ڪرڻ سان گڏوگڏ سخت ڪرڻ جي ضرورت آهي.
سنڌ، هلينا جي سٽن جيان پنهنجي هٿن ۾ ڪيس جو فائل کڻي بيٺي آهي پر ڪير آهي جيڪو هن کي سچائي سان وڙهي؟ ڪير آهي جيڪو سِر جي پرواهه نه ڪري ۽ سنڌ جو ڪيس وڙهي؟ يقينن ائين ناهي ته هِن وقت تائين سنڌ کي بچائڻ لاءِ ڪجهه بهادر آواز موجودآهن جيڪي بند ڏئي بيٺا آهن ته سنڌ مٿان ڪو وار نه ٿئي، پر جيڪي سنڌ جي تباهي جو فرمان هر آئي ڏينهن جاري ڪن پيا جيڪي ڪوششن ۾ آهن ته سنڌ جي بند کي ٽوڙي نست و باوبود ڪجي ۽ انهن جي پوري ڪوشش آهي ته سنڌ صرف تاريخ جي ورقت تائين وڃي رهي.
سنڌ تي هر طرف کان مسئلن جا دروازا کولي ڇڏيو ۽ ان کي ائين ختم ڪريو جيئن ڪنهن کي سلو پائيزن ڏئي ختم ڪبو آهي اهڙو ئي ڪجهه سنڌ سان ڪري رهيا آهن. اهي سنڌ کي صرف غلام ئي نه پر هاڻي اهي سنڌ جي نالي کي ئي مٽائڻ چاهين ٿا.
هر آئي ڏينهن اسلام آباد جو فرمان سنڌ خلاف آهي ان کي اڳتي وڌائڻ لاءِ بيسُرا راڳي لاٿا ويا آهن هاڻي اهي ٻڌائيندا ته سنڌ کي ڪيئن هجڻ گهرجي جن کي سنڌ جي تاريخ جي الف ۽ ب جي به خبر ناهي. چوندا آهن ته جيڪڏهن مخالف سلجهيل هجي ته ان سان ويڙه يا بحث ڪرڻ ۾ سکڻ جو موقعو گهڻو ملندو آهي پر هتي مخالف اچي اهڙا رکيا اَٿن جو افسوس ٿئي پيو ته اسان ايترا بدقسمت ٿينداسين جو ان جو اندازو نه هو ته مخالف به چڱا نه مليا.
پر جن سنڌ جي سياسي ميدان ۾ پنهنجي سياسي پارٽين جي کٽ کڻي اچي رکي آهي انهن کان پڇڻ گهرجي ته انهن ڇا ڪيو آهي؟ يقينن اهي چوندا ته اسان جلسا جلسو ڪريون پيا جيتوڻيڪ اهي صرف هڪ سياسي هلچل کي متحرڪ رکڻ جو مرحلو آهي. ان سان وجود کي بچائڻ جي ويڙهه نه ٿي کٽي سگهجي.
اسلام آباد يا کڻي چئجي ته اسٽبلشمينٽ جنهن جي فهرست ۾ سنڌ کي ٻه اڌ ڪرڻ جو فارمولا شروع کان رهيو آهي ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ پنهنجي فارمولي کي اڳتي کڻي ايندا رهيا آهن، هن وقت جڏهن انهن ڏٺو ته سنڌي اُنهن جي ڪنهن به سنڌ دشمني پاليسي کي هلڻ نه ڏيندا هاڻي انهن طئي ڪيو آهي ته سنڌ کي ورهائي سنڌين جي آواز کي ڪمزور ڪريو.
سنڌ جي وسيلن تي پهرين به اِنهن جو ئي قبضو هو، سنڌين جو پهرين ڪهڙو حق قبول ڪيو ويو آهي. مثال طور، ٿر جو ڪوئلو جنهن تي اصل راڄ پنجاب جو آهي ۽ سنڌ حڪومت هڪ ٻه کٽمٺڙا ڏئي پئي چئي ته اسان ٿر جي قسمت تبديل ڪئي آهي.
ڪنهن ٿري تائين سنڌ حڪومت جا جملا ”اسان ٿر جي قسمت تبديل ڪئي آهي“ پهتا هوندا ته ان هڪ درد سان ڀريل ٽهڪ ڏنو هوندو ۽ ان جي اکين ۾ لڙي آيل لڙڪ، پوري شاهدي ڏيندڙ هوندا ته وقت جي هر حڪمران وٽ ڪوڙ کي وڏي واڪي ڳالهائڻ جو ڏانءُ چڱي طرح سان هلندو پيو اچي.
هڪ پاسي اسٽبلشمينٽ ته ٻئي پاسي پاڪستان پيپلز پارٽي جنهن هميشه سنڌ ۽ سنڌين جي دردن تي اقتدار حاصل ڪيو آ جنهن سنڌ جي ڪيس کي چڱي طرح سان اسلام آباد جي ايوانن ۾ ڪيش ڪرايو آهي. جنهن سنڌ جي هر گهاوَ کي اسلام آباد آڏو اقتداري داوَ پيچ لاءِ استعمال ڪيو آهي. سنڌ جي رکوالي ڪرڻ بجاءِ سنڌ کي تباهي ڏني ۽ پوءِ چون ٿا سنڌ کي تحفظ ڏئي رهيا آهن.
درحقيقت، اها سنڌ ئي آهي جيڪا هر دوءر ۾ پنهنجو بچاءُ پاڻ ڪندي پئي اچي، باقي ٻين اقتدار بچايو يا اقتدار ڏانهن ويندڙ راهه کي بچايو جا ڪم ڪيا آهن.
سنڌ جون حالتون بدترين آهن، هر دور جي بدترين پالسين سنڌ کي ڪُٺيو آهي پر هن وقت وار هر طرف کان جاري آهن هڪ پاسي وجود تي وار ته ٻئي پاسي پاڻي ۽ وسيلن تي وار جاري آهن. اسلام آباد ۽ ان جو لاڏلو پنجاب، جيڪو چاهين اهي ڪن پيا انهن کي رياست جي جوڙيل آئين جي به پرواهه ڪانهي، انهن لاءِ اسلام آباد ۽ پنجاب جا مفاد ئي سڀ ڪجهه آهن.
يقينن اُنهن کي فهرست ٻڌائڻ جي ضرورت ناهي جيڪي اڳ ئي تباهي جي ڀيانڪ وارن کي ڀوڳي رهيا هجن پر سوال وري به اچي بيهي ٿو ته هيڏين بدترين حالتن هجڻ باوجود به ڇا اُن حساب سان اسان پنهنجو ڪيس ڪيئن وڙهي رهيا آهيون؟! سنڌ جي عوام هر ڪنهن کي موٽ ڏني آهي انهن جي پيرن ۾ جُتي به ناهي پوءِ به اهي سنڌ لاءِ اڳيان آهن.
پر جن سنڌ جي سياسي ميدان ۾ پنهنجي سياسي پارٽين جي کٽ کڻي اچي رکي آهي انهن کان پڇڻ گهرجي ته انهن ڇا ڪيو آهي؟ يقينن اهي چوندا ته اسان جلسا جلسو ڪريون پيا جيتوڻيڪ اهي صرف هڪ سياسي هلچل کي متحرڪ رکڻ جو مرحلو آهي. ان سان وجود کي بچائڻ جي ويڙهه نه ٿي کٽي سگهجي.
هينئر موجوده حالتون اهي ناهي جو توهان اهو سمجهو ته ايڪڙ ٻڪڙ جلسن سان اسلام آباد پير پٺتي ڪري ڇڏيندو، درحقيقت اسلام آباد ڪنهن به وقت وار ڪري پهرين مرحلي ۾ ڪراچي کسي وٺندو. پيپلز پارٽي جيڪا پهرين چوندي هئي ته ڪئنالن جو ايشو بند ٿي ويو پر جلال پور ڪئنال وهي رهيو آهي ۽ اِهو ئي ڪراچي سان ٿيندو ته نون صوبن جي مُرلي وڄائي ڪراچي کسي وٺندا. ان کان پوءِ پي پي پي چوندي ته ٻيا شهر بچائي ورتاسين ۽ اهو ائين ئي هوندو ته سسي وڃائي پوءِ ڪير چئي ته جسم بچايوسين.
هن وقت سنڌ جي سياسي پارٽين کي طئي ڪرڻو پوندو ته اهي اقتدار ڏانهن ويندڙ راهه يا سنڌ جي وجود کي بچائيندا؟
هاڻي اچون ٿا ته آخر سنڌ جو ڪيس ڪهڙي عدالت ۾ کڻي وڃون، هلينا جي آخري سيٽن جيان ته هِن رياست جي ڪنهن به عدالتي ترازي ۾ ايتري سگهه ناهي جو سنڌ جي ڪيس جو بار جهلي سگهن ۽ ان سان گڏوگڏ اها به هڪ تلخ حقيقت آهي ته انهن جي نيت به انصاف ڏيڻ جهڙي ناهي. جيڪڏهن انصاف جو هڪ ڦڙو به ملي هان ته سنڌ تي اسلام آباد ائين وار ڪرڻ لاءِ سوچي نه هان.
سنڌ ان جهور پوڙهي وانگر هٿن ۾ فائل جهلي بيٺي آ ۽ ان انتظار ۾ آهي ته ڪير اچي هِن جو ڪيس ويڙهي جنهن جي آواز ۾ موهن جي دڙي جي صدا هجي ۽ سنڌو درياهه جي گجگوڙ هجي.







