نومبر4، 2026ع کان سنڌي شاگردن جي تنظيم، سنڌي شاگرد ساٿ، ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ”ڪراچي سنڌ پاڪستان“ (KSP) داخلا پاليسيءَ خلاف احتجاج ڪري رهي آهي. شاگردن هن پاليسيءَ کي نسل ڪُش قرار ڏيندي مذمت ڪئي آهي. سندن چوڻ آهي ته هيءَ پاليسي سنڌي شاگردن جي اعليٰ تعليم تائين پهچ کي سڌيءَ ريت رڪاوٽ بڻيل آهي پڻ تعليمي موقعن جا دروازا کولڻ بدران، هيءَ پاليسي سندن تعليمي ترقيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجي وئي آهي.
جيڪي ماڻهو هن پاليسيءَ جي داخلا وارن معيارن کان واقف ناهن، تن لاءِ KSP پاليسي يقينن حيرت جو سبب ٿيندي جو هن پاليسيءَ تحت شاگردن جي تعليمي قابليت ۽ نتيجن کي نظرانداز ڪندي ڪراچيءَ جي رهواسي شاگردن کي ترجيح ڏني وڃي ٿي. مثال طور، ڪراچيءَ جو ڪو شاگرد 55 سيڪڙو مارڪون کڻي به داخلا حاصل ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته سکر جو ڪو شاگرد 80 کان 90 سيڪڙو مارڪون حاصل ڪرڻ باوجود داخلا کان محروم ٿي سگهي ٿو. اها اڻبرابري تڏهن وڌيڪ ڳڻتيءَ جوڳي بڻجي وڃي ٿي، جڏهن سنڌي شاگردن کي ڪراچيءَ ۾ اهم تعليمي شعبن ۾ داخلا کان محروم رکيو وڃي ٿو، جيڪا سندن پنهنجي صوبي جي گاديءَ جو هنڌ آهي.
سنڌي شاگردن سوال اٿاريو آهي ته آخر اهڙي تعصب تي ٻڌل ۽ خارج ڪندڙ پاليسيءَ کي سندن تعليمي مستقبل ۽ ڪيريئر جا موقعا تباهه ڪرڻ جي اجازت ڇو ڏني پئي وڃي؟ جڏهن ٻئي شاگرد هڪ ئي صوبي سان تعلق رکن ٿا ته پوءِ شاگرد جي رهائش واري هنڌ کي تعليمي قابليت ۽ ميرٽ کان وڌيڪ اهميت ڇو ڏني پئي وڃي؟
ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌين سان ٿيندڙ امتيازي سلوڪ جي تاريخ ڪافي پراڻي آهي. اسان هن موقعي تي ڪراچيءَ جي تعليمي ادارن ۾ سنڌين خلاف ٿيندڙ منظم امتيازي سلوڪ جي ڊگهي تاريخ کي ٻيهر ورجائڻ نٿا چاهيون. تنهن هوندي به، اهو ياد ڏيارڻ ضروري آهي ته پاڪستان جي قيام کان وٺي سنڌي شاگردن کي تعليمي ادارن مان ٻاهر ڌڪڻ جي پاليسي نظر اچي ٿي.
ان جي شروعات 1950ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ کي ڪراچيءَ مان ڄامشوري منتقل ڪرڻ سان ٿي، ساڳئي وقت سنڌي آباديءَ جو وڏو انگ موجود هجڻ باوجود شهر ۾ سنڌي ميڊيم اسڪولن تي پابندي لڳائي وئي.
ان کانسواءِ، ڪيترن ئي ماڻهن کي اي. بي. حليم جو ڪردار اڄ به ياد آهي، جنهن جا سنڌين بابت خيال کليل طور نسل پرستي ٻڌل هئا. جيڪڏهن مختصر طور چئجي ته تعليمي نظام جي شروعاتي مرحلن کان ئي سنڌي شاگردن کي ڪڏهن به ترجيح نه ڏني وئي آهي. اهڙي تعصب واري روش نيٺ 1990ع واري ڏهاڪي ۾ اختيار ڪيل KSP داخلا پاليسيءَ جي صورت ۾ سامهون آئي، جنهن ڪراچيءَ ۾ سنڌي شاگردن جي اعليٰ تعليم تائين پهچ محدود ڪري ڇڏي. ڪراچي، سنڌ جي گاديءَ جو شهر آهي، پر اتي ئي سنڌي شاگردن لاءِ اعليٰ تعليم جا دروازا بند ڪيا پيا وڃن.
اڄ پاڪستان جو ڪجهه ماڻهو ۽ ميڊيا نون صوبن جي قيام لاءِ مسلسل آواز اٿاري رهيا آهن، جن جي مطالبن جو مرڪز بار بار سنڌ بڻجي ٿي. پر ساڳئي وقت اهي KSP جي نسل پرست ۽ امتيازي داخلا پاليسيءَ تي مڪمل خاموشي اختيار ڪيو ويٺا آهن.
ڇا توهان ڪڏهن انهن سياستدانن يا ميڊيا جي تجزيه نگارن کي اهو سوال ڪندي ٻڌو آهي ته سنڌ يونيورسٽيءَ کي ڪراچيءَ مان ڄامشوري ڇو منتقل ڪيو ويو؟ پنجاب جي گاديءَ واري شهر لاهور ۾ پنجاب يونيورسٽي موجود آهي، جڏهن ته ٻين صوبن ۾ به سندن صوبائي نالن سان يونيورسٽيون پنهنجن گاديءَ وارن شهرن ۾ قائم آهن. پوءِ آخر سنڌ جي گاديءَ واري شهر ۾ سنڌ يونيورسٽي ڇو نه آهي؟
ڇا توهان پاڪستان جي ڪنهن ٻي يونيورسٽيءَ ۾ KSP جهڙي شاگرد دشمن پاليسي لاڳو ٿيندي ٻڌي آهي؟ نه، ڪڏهن به نه.
ان جو سبب سادو آهي: عوام سان سلهاڙيل صحافت سندن مفادن ۾ ناهي، ۽ نه ئي سندن آقائن جي مفادن ۾ آهي.
دي رائيز نيوز شاگردن جي احتجاج کي رپورٽ ڪيو ان دوارن اسان کي ذريعن ٻڌايو آهي ته يونيورسٽيءَ جي ڪجهه استادن نسل پرست جهڙا جملا چيا، جن ۾ اهو تاثر ڏنو ويو ته KSP پاليسيءَ ذريعي ”ڳوٺن مان آيل سنڌي چهرا“ داخلا وٺڻ کان روڪيا ويندا.
اسان سمجهون ٿا ته يونيورسٽيءَ جا سڀئي استاد اهڙا خيال نٿا رکن. پر جيڪڏهن ٿورا استاد به اهڙي ذهنيت رکن ٿا ته اها انتهائي ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه آهي. اهڙا استاد شاگردن جي ذهنن ۾ علم، تنقيدي سوچ ۽ فڪري تجسس پيدا ڪرڻ بدران تعصب ۽ نفرت جا ٻج پوکي رهيا آهن.
هاڻي سموري ذميواري سنڌ حڪومت جي ڪلهن تي آهي ته اها فوري طور KSP پاليسي ختم ڪري، ميرٽ جي بنياد تي داخلا وارو نظام بحال ڪري ۽ سڀني شاگردن لاءِ تعليم جا برابر موقعا يقيني بڻائي. جيڪڏهن سنڌي شاگردن کي پنهنجي ئي صوبي جي گاديءَ واري شهر ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو نٿو ملي ته پوءِ اهي ڪيڏانهن وڃن؟ مريخ تي؟
نئين نسل جي ذهنن ۾ نفرت نه پوکڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان سندن مستقبل ۽ ڪيريئر جا موقعا تباهه ٿي ويندا. ساڳئي وقت، تعليمي ادارن اندر نسل پرستي ۽ تعصب کي هٿي ڏيندڙ استادن لاءِ ڪنهن به قسم جي ڪابه گنجائش نه هئڻ گهرجي. اهڙن استادن خلاف زيرو ٽالرنس جي پاليسي اختيار ڪرڻ لازمي آهي.
سنڌ حڪومت جي سڀ کان وڏي ذميواري اها آهي ته شاگردن جي تعليم جي بنيادي حق جو تحفظ ڪري ۽ يقيني بڻائي ته صوبي اندر شاگردن کي نشانو بڻائيندڙ اهڙي نسل ڪُش پاليسيءَ لاءِ ڪا به گنجائش نه هجي. تعليم هر انسان جو عالمي حق آهي، نه ڪي ڪنهن مخصوص طبقي لاءِ. جيترو ٻين شاگردن جو حق آهي، اوترو ئي سنڌي شاگرد به تعليم حاصل ڪرڻ جا حقدار آهن.







