
سنڌين نيشنل ڪانگريس مرڪز پاران اسٽيٽ بينڪ حيدرآباد کان پريس ڪلب حيدرآباد تائين ”گرين انيشيٽو پاڪستان جي نالي تي ڪارپوريٽ فارمنگ جي آڙ ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي فوج ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنين جي قبضي جي خاتمي، سنڌو درياھ مٿان ٺھندڙ غيرقانوني ڪئنالن کي رد ڪرڻ، رياست جي رٿابندي ذريعي سنڌ ۽ ھن خطي ۾ وڌندڙ ماحولياتي تباھي کي روڪڻ ۽ جبري گمشدگين ۽ انساني حقن جي لتاڙ کي روڪڻ ۽ سياسي ڪارڪنن جي آزاديءَ لاءِ مرڪزي چيف آرگنائيزر ايڊووڪيٽ محب آزاد، مرڪزي ڊپٽي چيف آرگنائيزر سارنگ جويي، مرڪزي آرگنائيزر مڪيش ڪمار، مرڪزي آرگنائيزر سھڻي جويو ۽ مرڪزي آرگنائزر اعزاز لغاري ۽ سنڌين اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي مرڪزي چيف آرگنائيزر غني امان چانڊيي ۽ مرڪزي ڊپٽي چيف عديل لغاري جي اڳواڻيءَ ۾ ”سنڌ مارچ“ جي سِري هيٺ ھزارين عورتن، قومي ڪارڪنن ۽ شاگردن سخت نعريبازي ڪندي احتجاجي مارچ ڪري ڌرڻو ھنيو.
هڪ پرامن احتجاجي مارچ ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ڪڍڻ تي سنڌين نيشنل ڪارنگريس جي قيادت خلاف ايف آءِ آر درج ڪئي وئي آهي.
سنڌ ۾ ڪيترن ئي سالن کان وٺي قومپرست سياست تي پابندي مڙهيل آهي ۽ سنڌ جي ٻرندڙن مسئلن تي ڀرپور آواز اُٿي نه سگهيو پر هن وقت ڪئنالن ۽ فارمنگ خلاف پوري سنڌ احتجاج ڪيا آهن ۽ هن وقت به ساڳين منصوبن خلاف احتجاج جاري آهن.

سنڌ جي موجوده سياسي صورتحال کي ڏسندي سارنگ جويو ۽ ايڊووڪيٽ محب آزاد به سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ قومپرست سياست باقاعده شروع ڪرڻ جو اعلان ڪندي سنڌين نيشنل ڪانگريس جو بنياد وڌو آهي. ان حوالي سان سارنگ جويو ٻڌايو ته شاگرد سياست کان ئي سرگرم آھيون، جنھن ڪري سنڌين نيشنل ڪانگريس جو بنياد وڌو آھي، نيشنل ڪانگريس دنيا ۾ مقبول نالو رھيو آھي، سنڌين نيشنل ڪانگريس انھي ڪري تنظيم جو نالو رکيو آھي، جئين سنڌين کي ھڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري سگھجي.
ان موقعي تي تقرير ڪندڙن چيو ته، رياست گذريل 77 سالن کان ھتان جي تاريخي وطنن ۽ تاريخي قومن کي غلام بڻائي سندن وسيلن تي قبضو ڪندي آئي آھي، اھو قبضو سمنڊ جي ڪمائي کان وٺي ٿر جي ڪاري سون ڪوئلي تائين، گئس، پيٽرول کان وٺي گرينائيٽ تائين، سنڌ جي بندرگاھ کان وٺي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تائين، سنڌ جي ڍنڍن، ڍورن، جبلن کان وٺي سنڌو درياھ تي ڌاڙي ھڻڻ تائين قبضا ڪندي رھي آھي.
جنھن خلاف سنڌ جي قومي تحريڪ قومپرست اڳواڻ سنڌ سائين جي ايم سيد جي فڪر ھيٺ جدوجھد ڪندي رھي آھي ۽ ان جي نتيجي ۾ سنڌ جي سياسي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ کان وٺي ڪوڙن ڪيسن ھيٺ قومي ڪارڪنن جي گرفتارين کان وٺي قومي ڪارڪنن کي شھيد ڪري ھن تحريڪ کي ڪچلڻ ۽ خوفزدہ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي پر ھيءَ تحريڪ وقتي طور تي ماٺي ضرور ٿي آھي پر ان کي ھيءَ رياست ختم ناھي ڪري سگھي.
سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي قبضو ڪرڻ تہ پري جي ڳالھ پر اسان سنڌ وطن جي زمين جو ھڪ انچ بہ ڪنھن فوجي اداري يا ملٽي نيشنل ڪمپنين کي ڏيڻ نہ ڏينداسين، ڇو تہ ان زمين جو وارث ۽ مالڪ سنڌ جو ماڻھو ۽ ھاري آھي، ان ڪري اھي لکين ايڪڙ زمينون سنڌ جي بي زمين ھارين کي ڏيڻ تائين جدوجھد جاري رھندي. سنڌو درياھ اسان سنڌي قوم جي جياپي جو ذريعو آھي، ڇو تہ سنڌو درياھ نہ صرف اسان جي وطن سنڌ کي تخليق ڪيو آھي پر سنڌو درياھ اسان جو پالڻھار آھي، ۽ پاڻي جي عالمي قانون موجب بہ لوئر رائيپيرين يعني پوڇڙي جي حيثيت ۾ سنڌو درياھ جا وارث ۽ مالڪ اسان سنڌي ماڻھو آھيون، ان ڪري اسان جي اجازت کان سواءِ سنڌو درياھ مٿان ڪو بہ ڪئنال يا ڊئم ٺاھڻ نہ ڏينداسين.
ياد رھي تہ سنڌو درياھ جي پاڻي تي پنجاب سان سنڌ جو تقرار انگريز دور کان ھلندو اچي، ۽ تڪرار کي انگريز دور ۾ ورلڊ بينڪ ۽ عالمي قوتن جي ضمانت ھيٺ 1945 ۾ سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ پاڻي معاھدو ٿيو ھو، جنھن مطابق سنڌو درياھ جو 75 سيڪڙو پاڻي جو شيئر سنڌ کي ملندو ۽ سنڌ جي اجازت کان سواءِ سنڌو درياھ مٿان ڪو بہ ڪئنال ۽ ڊئم نہ ٺاھيو ويندو پر پنجاب پاڪستان رياست ٺاھڻ کان پوءِ ون يونٽ جي دور ۾ جنرل ايوب خان ھندستان سان 1960 ۾ سنڌو طاس معاھدو ڪري 1945 پاڻي ٺاھ جي ڀڃڪڙي ڪندي 3 درياھ ستلج، راوي ۽ بياس ھندستان کي پيسن عيوض کپائي ڏئي ڇڏيا ۽ سنڌو درياھ مٿان وڌيڪ تربيلا، منگلا ڊئم ۽ چشما جھلم لنڪ ڪئنال ۽ گريٽر ٿل ڪئنال ۽ ٻيا فلڊ ڪئنالن جي نالي تي ڪئنال ٺاھي سنڌو درياھ کي سڪايو ويو، جنھن جي نتيجي ۾ سمنڊ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين پائي چڪو آھي، سنڌ جي لکين زمين بنجر، ڪلراٺي بڻجي چڪي آھي ۽ سنڌ جي سامونڊي پٽي مان لکين ماڻھن جي لڏپلاڻ ٿي آھي، لکين ايڪڙن تي مشتمل تِمر جا ٻيلا تباھ ٿي ويا، لکين قسم جي آبي جيوت تباھ ٿي وئي، سنڌ جو جر کارو ۽ ان ۾ سينکيو آھي، جنھن ڪري سنڌ جا لکين ماڻھو گڙدن، ھيپاٽائيٽس ۽ ٻين بيمارين ۾ مري رھيا آھن، جيڪا سنڌي ماڻھن جي نسل ڪشي آھي. سنڌ جي جدوجھد کي روڪڻ لاءِ ۽ ماڻھن کي منجھائڻ لاءِ لولي پوپ طور 1991 وارو پاڻي ٺاھ ڪيو ويو ۽ ارسا جھڙو ادارو جوڙي انڊس واٽر کي مينيج ڪرڻ جي ڳالھ ڪئي وئي، پر ان لولي پوپ جي حيثيت رکندڙ ان معاھدي تي بہ ھڪ ڏينھن بہ عمل نہ ڪيو ويو، اسان 1991 واري پاڻي ٺاھ کي رد ڪيون ٿا ۽ ارسا ۽ سي سي آءِ جھڙن پنجاب جي اڪثريت رکندڙ ادارن کي بہ رد ڪيون ٿا ۽ 1945 پاڻي معاھدي تحت نئون پاڻي معاھدي ڪرڻ جو مطالبو ڪيون ٿا.
رامسر معاھدي تحت سنڌو درياھ سميت سنڌ جي تاريخي ماڳن ڪارونجھر سميت کيرٿر ۽ ٻين تاريخي ماڳن جاين کي انساني حيثيت ڏيڻ ۽ ان تي سنڌي ماڻھن جي مالڪي جو حق تسليم ڪيو وڃي ۽ جيڪا ماحولياتي تباھي ڪاربان ۽ نائٽروجن گئسز جي استعمال ۽ ٻيلن جي واڍي سميت مٺي پاڻي جو سمنڊ ۾ نہ وڃڻ ۽ ڪوئلي ڪڍڻ سان سنڌ جي ماحوليات جيڪا تباھي ٿي آھي، جنھن ڪري ڪروڙين سنڌي ماڻھن جي زندگي خطري ۾ پئجي وئي آھي ان کي روڪڻ لاءِ ھيءَ جدوجھد جاري رھندي ۽ اھو مطالبو ڪيون ٿا تہ ڪلائيميٽ فنڊس جو سنڌي ماڻھن جي فلاح ۽ بھبود تي خرچ ڪيو وڃي ۽ سنڌ مان کنڀي گم ڪيل ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ قيد ڪيل سمورن قومي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي، ڇو تہ اھا يونائيٽيڊ نيشن جي عالمي اداري جي بنيادي قانون ۽ انساني حقن جي سنگين لتاڙ ۽ سنڌ جي سياسي آواز کي ڪچلڻ جي سازش آھي، جيڪا ڪنھن بہ ريت ڪامياڀ ٿيڻ نہ ڏينداسين، گڏوگڏ اسان ان لاءِ بہ جدوجھد ڪنداسين تہ سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ شاگرد يونين کي بحال ڪرائي سنڌ جي سمورن تعليمي ادارن کي انقلاب، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جا ادارا بڻائڻ جدوجھد ڪنداسين.
اسان سنڌي قوم کي سنڌين نيشنل ڪانگريس جي صورت ۾ ھڪ قومي، سيڪيولر، جمھوري ۽ سوشلسٽ عوامي جدوجھد تي مشتمل ھڪ مڪمل سياسي تنظيم بڻائڻ لاءِ ھن مارچ کان پوءِ سڄي سنڌ ۾ دورا ڪري تنظيم سازي ڪنداسين ۽ ان کان پوءِ جلد ئي سنڌ جي سڀ کان گھڻو متاثر ٿيندڙ ضلعن، بدين، سجاول ۽ ٺٽي ۾ ”سجاڳي مارچ“ ڪنداسين.








