جولاءِ30 تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي هڪ ڀيرو ٻيهر نوان صوبا قائم ڪرڻ وارو پراڻو بيسرو راڳ ڳايو آهي سندس چوڻ هو ته ملڪ جو موجوده انتظامي ڍانچو ناڪام ٿي چڪو آهي، تنهن ڪري ان جي نئين سر جوڙجڪ ناگزير بڻجي وئي آهي. هن کانپوءِ وزير طلال چوڌري به ساڳئي موقف جي تائيد ڪندي سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا ۾ نوان صوبا ٺاهڻ جي حمايت ڪئي، پر پنجاب ۾ نون صوبن يا نون يونٽ جوڙڻ جي حمايت نه ڪئي.
اهي بيان اهڙي وقت سامهون آيا، جڏهن رڳو ٽي ڏينهن اڳ پاڪستان جي هڪ اهم انگريزي اخبار پنهنجي 27 جولاءِ واري اداريي ۾ نون صوبن جي قيام جي حمايت ڪئي هئي. ان اداريي جو مرڪزي نڪتو خاص طور تي ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪري هڪ الڳ انتظامي يونٽ جوڙڻ هو.
پاڪستان جي اردو ۽ انگريزي ميڊيا تي ڊگهي عرصي کان اهو اعتراض ٿيندو رهيو آهي ته اها اڪثر آمراڻي پاليسين جي حمايتي رهي آهي، جڏهن ته تاريخي طور محروم بڻايل قومن: سنڌين، بلوچن ۽ پشتونن جي آواز کي هميشه نظرانداز ڪيو ويندو آهي يا کڻي چئجي ته انهن کي اهميت ئي نه ڏني ويندي آهي.
بهرحال، محسن نقوي يا طلال چوڌري جا بيان ڪنهن به لحاظ کان نوان ناهن. پاڪستان جي سياسي تاريخ تي نظر وجهجي ته جڏهن به اسلام آباد کي پنهنجي پاليسين جي ناڪاميءَ بابت اٿندڙ سوالن جا جواب ڏيڻا پوندا آهن، تڏهن نوان صوبا ٺاهڻ وارو پراڻو نعرو ٻيهر ڳايو ويندو آهي، جيئن عوام جو ڌيان بنيادي مسئلن تان هٽائي سگهجي.
هن ڀيري به صورتحال مختلف نظر نٿي اچي. حڪومت پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪشمير جي عوام طرفان اُٿاريل اهم سوالن جا جواب ڏيڻ ۾ ناڪام وئي آهي پر سوال رڳو ڪشمير تائين محدود ناهن. سنڌين، بلوچن ۽ پشتونن به ڏهاڪن کان رياست جي پاليسين، وسيلن جي ورهاست، وفاقي ڍانچي ۽ حڪمراني بابت بنيادي سوال اٿاريا آهن، اڄ تائين جن جو ڪو به جوابن ناهي ڏنو ويو.
خير، هن وقت وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو هي بيان آخر ڇا ظاهر ڪري پيو؟
جيڪڏهن حڪومت پاڻ تسليم ڪري ٿي ته موجوده انتظامي نظام “ناڪام” ٿي ويو آهي، ته ڇا ان جو مطلب اهو ورتو وڃي ته وفاقي نظام ئي هاڻي ڪارائتو نه رهيو آهي؟ ۽ جيڪڏهن واقعي انتظامي سڌارن جي ضرورت آهي، ته ڇا ان جو واحد حل سنڌ، بلوچستان يا خيبر پختونخوا کي ٽڪرن ۾ ورهائڻ آهي؟
جيتوڻيڪ 1970ع ۾ ون يونٽ ختم ڪيو ويو، پر ان جي پويان موجود سوچ ڪڏهن به ختم نه ٿي آهي. اُها سوچ اڄ به سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا بابت ساڳيون غير منصفاڻيون پاليسيون جي صورت ۾ موجود آهي، جڏهن ته پنجاب انهن پاليسين مان فائدو حاصل ڪندو رهيو آهي.
انهن ٽنهي صوبن مان خاص طور تي سنڌ هميشه اهڙين تجويزن جو مرڪز رهي آهي.
ڇا سنڌ کي ورهائڻ يا ان جي جاگرافيائي حيثيت تبديل ڪرڻ جو خيال پهريون ڀيرو سامهون آيو آهي؟ يقينن … بلڪل نه نه.
ان سوال جو جواب تاريخ جي ورقن ۾ موجود آهي پاڪستان جي قيام کان وٺي سنڌ جي جاگرافيائي ۽ سياسي حيثيت ۾ تبديلي آڻڻ جون ڪوششون مختلف صورتن ۾ جاري رهيون آهن. اڄ جيڪو بحث “نوان صوبا” جي نالي سان پيش ڪيو پيو وڃي، ان جون پاڙون به انهيءَ تاريخ ۾ ڳولهي سگهجن ٿيون. هتي ڪجهه مثال ڏجن ٿا ته پاڪستان جي شروعاتي دور ۾ سنڌ يونيورسٽي، جيڪا ڪراچي ۾ قائم هئي، ان کي ڄام شورو ۾ منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته ساڳئي شهر ۾ ڪراچي يونيورسٽي قائم ڪئي وئي. پاڪستان جي ڪنهن به ٻئي صوبي ۾ اهڙو عمل نظر نه ايندو.
مرحوم لياقت علي خان جي حڪومت دوران ڪراچي ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ سنڌي ميڊيم اسڪول بند ڪيا ويا. سنڌ جي شديد مخالفت باوجود ڪراچي کي وفاقي گاديءَ جو هنڌ بڻايو ويو، جڏهن ته رياستي پاليسين آهستي آهستي سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجي ئي تاريخي شهر ۾ اجنبي بڻائڻ جي ڪوشش رهي آهي.
هي سڀ واقعا الڳ الڳ نه آهن پر هڪ اهڙي تاريخي سلسلي جا حصا آهن، جنهن کي سنڌي اڄ به ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ واري سوچ جي شروعاتي بنيادن طور ڏسن ٿا.
هڪ پاسي ناانصافي تي پاليسيون جاري رهيون ته ٻئي پاسي فيلڊ مارشل ايوب خان جي فوجي دور ۾ ون يونٽ جنهن بي رحم پاليسين کي نمايان ڪري ڇڏيو ان وقت اهو دليل ڏنو ويو ته گهڻن صوبن تي ٻڌل نظام هلائڻ ڏکيو آهي.
پر حقيقت ۾ ون يونٽ جو بنيادي مقصد اختيارن کي هڪ مرڪز ۾ گڏ ڪرڻ، وفاقي وحدتن جي سياسي طاقت کي محدود ڪرڻ ۽ اوڀر بنگال جي آباديءَ واري اڪثريت کي قبول نه ڪرڻ هو. جيتوڻيڪ 1970ع ۾ ون يونٽ ختم ڪيو ويو، پر ان جي پويان موجود سوچ ڪڏهن به ختم نه ٿي آهي. اُها سوچ اڄ به سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا بابت ساڳيون غير منصفاڻيون پاليسيون جي صورت ۾ موجود آهي، جڏهن ته پنجاب انهن پاليسين مان فائدو حاصل ڪندو رهيو آهي.
اسلام آباد جي پاليسين کي جيڪو ڪجهه فائيمند لڳي ٿو، تنهن کي هر دور ۾ هٿي ڏين ٿا. ڪالهه انهن جو نعرو ون يونٽ هو، اڄ ساڳئي سوچ کي نوان صوبا ٺاهڻ جي نالي سان پيش ڪيو پيو وڃي.
اهڙي روش 1940ع واري ان تاريخي معاهدي بابت سنجيده سوال اٿاري ٿي، جنهن جي بنياد تي سنڌ ۽ ٻين صوبن پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ قبول ڪيو هو. ان وقت اهو يقين ڏياريو ويو هو ته هر صوبي جي آئيني حيثيت، تاريخي سڃاڻپ ۽ وجود جو احترام ڪيو ويندو. پر تاريخ جي ستم ظريفي اها آهي ته 1971ع ۾ اوڀر بنگال جي الڳ ٿي بنگلاديش بڻجڻ کان پوءِ ان معاهدي جو روح به عملي طور دفن ٿي ويو.
بنگلاديش جي قيام کان پوءِ به سنڌين، بلوچن ۽ پشتونن وفاق کي بچائڻ لاءِ اسلام آباد کي هڪ ٻيو تاريخي موقعو ڏنو. هنن پنهنجي تاريخي سرحدن ۽ سياسي حيثيت سان گڏ پاڪستان جو حصو رهڻ قبول ڪيو، ته جيئن وفاقي نظام برقرار رهي. پر ان جي باوجود اسٽيبلشمينٽ جنهن جي اڪثريت ۽ مرڪز پنجاب رهيو آهي اهڙيون پاليسيون جاري رکيون، جن جو فائدو بنيادي طور پنجاب کي ئي پهتو آهي، جڏهن ته ٻين ٽن صوبن ۽ انهن جي قدرتي وسيلن کي مسلسل نقصان ٿيندو رهيو آهي.
نوان صوبا قائم ڪرڻ جي تجويز 1940ع واري معاهدي جي روح جي سڌي سنئين ڀڃڪڙي آهي. پاڪستان هڪ وفاقي رياست آهي، جنهن جي بنياد چئن تاريخي صوبن تي رکيل آهي جيڪڏهن اسلام آباد اهو مڃي ٿو ته موجوده نظام ناڪام ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي هلي نٿو سگهي، ته اها ناڪامي حڪمرانن جي آهي، نه ڪي سنڌ، بلوچستان يا خيبر پختونخوا جي.
جيڪڏهن اسلام آباد ون يونٽ کي نئين حڪمت عملي، يعني نوان صوبا ٺاهڻ جي صورت ۾ ٻيهر نافذ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان جو حقيقي مقصد سنڌين، بلوچن ۽ پشتونن جي قومي سڃاڻپ، ثقافت، تاريخ ۽ وجود کي ڪمزور ڪرڻ هوندو. اهڙي ڪوشش کي ڪڏهن به قبول نه ڪيو ويندو. اسلام آباد کي تاريخ مان سبق سکڻ گهرجي ۽ اهو هرگز نه وسارڻ گهرجي ته ماضي ۾ اهڙين پاليسين جا نتيجا ڪهڙا نڪتا هئا.
سنڌ اڪيلي سِر پنهنجي وجود سان قائم رکي سگهي ٿي؛ اصل سوال اهو آهي ته ڇا پاڪستان اهڙي پاليسي کان پوءِ پنهنجي وفاقي وجود کي برقرار رکي سگهندو؟
نوان صوبا ڪنهن به بحران جو حل ناهن؛ حقيقت ۾ اهي پاڻ هڪ نئون بحران پيدا ڪرڻ جي تجويز آهن. جيڪڏهن اهڙي سوچ تي عمل ڪيو ويو، ته اهو بحران ڪنهن ڏينهن اهڙي صورت اختيار ڪري سگهي ٿو، جنهن جا نتيجا هر شيءِ کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيندا.





