قومپرست، سنڌين جو ووٽ ۽ سنڌ جو مستقبل
سنڌي سماج پڻ تبديلي چاھي ٿو، پنھنجي بطن مان ڪنھن نئين انقلاب کي جنم ڏيڻ گهري ٿو. سنڌي قوم ڪنھن نواڻ جي گهوري آھي، ڪنھن انقلاب، ڪنھن تبديلي جي ڳولائو آھي. پر ھيءَ بہ سچ آھي تہ ان کي انقلاب، آزادي يا تبديلي آڻڻ واريون رھنما قوتون نہ ٿيون لڀن