تون چاهين ٿو،
سنڌو درياهه جي رُخ کي تبديل ڪرڻ،
تون جلاد بڻجي،
سنڌو درياهه کي قتل ڪرڻ چاهين ٿو،
پر ياد رک،
سنڌو درياهه صرف درياهه ناهي،
هي سنڌ جو ساهه آ،
هي سنڌ کي جيون ڏيندڙ آ،
۽ جي تون سنڌو درياهه سان دوکو ڪيو،
۽ جي تو سنڌو درياهه کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،
ته پوءِ ياد رک،
هي سنڌو درياهه توکي ٻوڙي ماريندو. (هيلينا)
جڏهن کان پنجاب ۽ اسلام آباد جي اسٽبلشمينٽ پنهنجو پراڻو راڳ ورجايو آهي ته اهي سنڌو درياهه تي ڪئنال ٺاهيندا يا وري کڻي ائين چئجي ته اهي ڪئنال ٺاهي رهيا آهن تڏهن کان سنڌ واسين جا احتجاج شروع ٿيا آهن پر هي احتجاج ڪي نوان ناهن، سنڌ سدائين ماتم ۾ رهي آهي، سنڌ سدائين اسلام آباد جي ڏاڍ خلاف وڙهندي پئي اچي.
هن ڀيري پنجاب ۽ اسلام آباد صرف سنڌ کي ئي نه درحقيقت سنڌو درياهه کي به ختم ڪرڻ وڃن پيا جڏهن جڏهن درياهن جا رُخ موڙيا ويا انهن درياهن کي تباهه ڪيو. هيلينا جي ٻولن جيان ته هو سنڌ جي ساهه کي قتل ڪرڻ وڃن پيا ۽ رياست جي ڀتن تي واضح لکيل آهي ته پنجاب جي سرسبز لاءِ ڇهه ڪئنال درحقيقت سنڌ جي نسل ڪشي آهي جيڪڏهن ڪير نه ٿو سمجهڻ چاهي ته اها ان جي پنهنجي ڀُل آهي.
سنڌو درياهه ۽ سنڌ جو ناتو پهرين ڏينهن کان جوڙيل آهي جنهن درياهه صرف هتان جي زمين کي سرسبز ئي نه ڪيو پر ان کي پنهنجو ناءُ ڏئي شناخت ڏني ۽ هي ٻئي هڪ ٻئي سان جڙيل آهن.
سنڌ جو ايمان رهيو آ ته ڪير به سنڌو درياهه کي سنڌ کان الڳ نه ٿو ڪري سگهي شايد رياست لاءِ هي پاڻي جو درياهه هجي پر سنڌ جو سنڌو درياهه سان عشق جو ناتو آهي، جيڪا ڌرتي سنڌو درياهه آڏو پنهنجو سِر جهڪائي، اها پنهنجو سِر سنڌو درياهه تي گهوري سگهي ٿي ۽ سنڌ واسي درياهه خلاف سوچڻ به پاپ سمجهن ٿا.
جنهن قوم وٽ سنڌو درياهه سان عشق هجي، جنهن جي رڳن ۾ سنڌو درياهه وهندو هجي ان ڌرتي جي واسين کي ڪير به سنڌو درياهه کان الڳ نه ٿو ڪري سگهي.
پر درياهه جا ويري چاهين ٿا درياهه کي پنهنجي مطابق هلائين، اهي چاهين ٿا ته اهي سنڌو درياهه جي رُخ کي تبديل ڪن ۽ اهي سنڌو درياهه تي حڪم هلائين ته تون ڪهڙي پاسي وهندو؟
پنجاب جي اها خواهش ڪا اڄ جي ڪانهي، پاڪستان ٺهڻ کان اڳ به سنڌو درياهه تي مري اک رکي ويٺو هو ۽ هو مسلسل سنڌو درياهه تي گهات هڻڻ جي ڪوشش ڪندو پيو اچي پر انگريزن پنهنجي لاڏلي پنجاب کي سختي سان روڪي ڇڏيو. ائين نه هو ته انگريز کي ڪو سنڌ سان پيار هو درحقيقت ان کي هتان جي زمين مان فصل پوکي کڻڻو هو ۽ قانوني طورتي به پنجاب جي گهُر غلط هئي. خير! انگريز پنهنجي فائدي کي اڳيان رکي ڪنهن حدتائين سنڌ کي تحفظ ڏيندي پنجاب جي ناجائز گهُر کي انڪار ڪيو.
ڇا ڪجي! حالتون ساڳيون نه رهيون ۽ پاڪستان ٺهڻ شرط ئي پنجاب وري ساڳيو راڳ آلاپڻ شروع ڪيو، هاڻي پنجاب کي ڪير روڪي؟! پنجاب جنهن اڪثريت رکندڙ بنگال کي سوڙهو ڪري رکيو هو ۽ ان جي هڪ نه هلڻ ڏني ڇو جو طاقت سڄي پنجاب وٺ هئي (هن وقت به آهي) جنهن ڪري بنگالين پنهنجا رستا الڳ ڪيا پر سنڌ کي سزا ڀوڳڻي هئي جو سنڌ سان پنجاب يا اسلام آباد ٻنهي جيڪو ڪجهه ڪيو اهو صرف ڪو تاريخ جو حصو ناهي هينئر به مسلسل ناانصافيون ٿينديون پيون رهن. جيڪڏهن ائين کڻي چوان ته پنجاب ۽ اسلام آباد ٻئي هڪ سڪي جا ساڳيا پاسا آهن. اسلام آباد، ڪڏهن به سنڌ جي پرواهه نه ڪندو ۽ جي ڪير اها اُميد رکي ٿو ته پوءِ پاڻ کي بيوقوفن ۾ شمار ڪرائڻ برابر هوندو.
پنجاب/اسلام آباد پنهنجي مفادن خاطر هر ليڪو لتاڙي سگهي ٿو ۽ پاڪستان ٺهڻ کان وٺي هن وقت تائين صرف پنجاب جي مفادن جو تحفظ ٿيندو پيو اچي. پاڪستان مطلب پنجاب جي حقن جو تحفظ ڪرڻ آهي ان لاءِ هتان جي ٻين قومين جي حيثيت ڪا به ڪانهي.
سنڌ جي هر وسيلي تي اسلام آباد جو ڪنٽرول آهي هاڻي اسٽبلشمينٽ واضح اڳيان اچي ڪري درياهه ۽ زمينون کسي رهي آهي. جيڪڏهن سنڌي دانهن ڪن ٿا ته انهن کي 18 ترميم جو طعنو ڏنو وڃي ٿو ته توهان وٽ 18 ترميم آهي ان ۾ پنجاب يا اسلام آباد جو ڪهڙو قصور؟
ارڙهين ترميم کان پوءِ به اصل اختيار اسلام آباد وارن وٽ ئي آهي. ڀل، پيپلز پارٽي ڪيترو به ارڙهين ترميم لاءِ گيت ڳائي پر انهن کي خبر آ ته ارڙهين ترميم هجڻ باوجود به اهي سنڌ جي وسيلن جي مالڪي ناهن ڪري سگهيا پيپلزپارٽي صرف پنهنجي اقتدار جي مالڪي ڪندي رهي آهي جنهن جي قيمت سنڌ ادا ڪري پئي.
هن وقت پنجاب/اسلام آباد جو هوڏ ته اهي ڇهه ڪئنال ٺاهيندا جو بنيادي سبب اهو ئي آهي جو پيپلز پارٽي هن جرم ۾ شريڪ آهي. جيڪڏهن پيپلز پارٽي ساٿاري نه هجي ها ته پنجاب/اسلام آباد ڪنهن حدتائين سوچين ها ته ان جا نتيجا ڪهڙا نڪرندا.
هي ڇهه ڪئنالن جيڪي پنجاب جي بنجر زمينن کي سرسبز ڪندو اتي سنڌ جي آباد زمينن کي بنجر ڪرڻ سان گڏوگڏ سنڌو درياهه کي به نقصان پهچائيندو. هي ڇهه ڪئنال درحقيقت موت جو فرمان سنڌ لاءِ آهي جنهن ذريعي سنڌ جي نسل ڪشي ٿيندي صرف ايترو ئي نه سنڌ پوري طرح سان بنجر ٿي ويندي.
جيڪڏهن پيپلز پارٽي ڇهه ڪئنالن جي اڏڻ ۾ راضپو ناهي ڏيکاريو ته پوءِ حڪومت کي ڪلهو ڇو ڏئي بيٺي آهي؟ پيپلز پارٽي واضح اعلان ڪري ته حڪومت کي ڇهه ڪئنال يا سرڪار گهرجي؟ پر اهڙو اعلان پيپلزپارٽي نه ڪندي ڇو جو انهن جو پنهنجي اقتدار به ڇهه ڪئنالن سان ڳنڍيل آهي.
هاڻي پيپلز پارٽي وڌيڪ معصوم ۽ اڻڄاڻ ٿيڻ جي اداڪاري نه ڪري ته بهتر ٿيندو ڇاڪاڻ جو هن وقت پيپلز پارٽي پوري طرح سان واکي ٿي اڳيان اچي چڪي آهي. اهي سنڌ جي بنجر ٿيڻ کي قبول ڪري سگهن ٿا پر پنهنجي ڪجهه سالن جي اقتدار کي هٿن مان وڃائڻ نه ٿا چاهين.
سنڌو درياهه کي بچائڻ لاءِ سنڌين کي اڳيان اچڻو پوندو ائين ناهي ته اهي احتجاج نه پيا ڪن، ڏٺو وڃي ته انهن جي احتجاجن ئي پيپلز پارٽي کي مجبور ڪيو ته اهي ڪجهه اکر ڳالهائين. پر هاڻي سنڌ جو سنڌو درياهه ۾ ساهه کي بچائڻ لاءِ تحريڪ کي تيز ڪرڻو پوندو. ائين نه ٿئي جو دير ٿي وڃي، سنڌو درياهه جي گجگوڙ جيان تحريڪ ۾ به گجگوڙ آڻڻي پوندي. هن وقت سنڌو درياهه، سنڌين ڏانهن ڏسي رهيو آهي ته سنڌي ڪيئن ٿا سنڌو درياهه جي مالڪي ڪري ان کي بچائين.