ڇويهن جنوري 2025 تي، سانگهڙ ضلع جي ڳوٺ چوتڙياريون ۾ جوڻيجو برادري جي وچ ۾ تڪرار سبب ٽي فرد قتل ٿي ويا. ان جهيڙي ۾ 20 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا. متاثرن قتل ٿيلن جا لاش سانگهڙ پريس ڪلب اڳيان رکي احتجاج ڪيو ۽ انصاف جو مطالبو ڪيو. ان جي باوجود، پوليس ايف آئي آر درج ڪرڻ کان انڪار ڪيو.
متاثرن، پاڪستان پيپلز پارٽي جي جماعت جو ايم اين اي صلاح الدين جوڻيجو ۽ ان جي ساٿين تي ڪيس داخل ڪرائڻ چاهيو. متاثر خاندان جي فرد فدا حسين جوڻيجو جو چوڻ هو ته هن جي ملاقات ڊي آئي جي پرويز چانڊيي سان ٿي جنهن چيو ته ته صلاح الدين جوڻيجو جو نالو ايف آئي آر ۾ شامل ڪرڻ جي هُن کي اجازت ناهي ڇو جو هو طاقتور آهي باقي ٻين تي ڪيس درج ٿي سگهي صرف ان شرط سان جيڪڏهن صلاح الدين جو نالو خارج ڪيو وڃي.
احتجاج چار ڏينهن جاري رهڻ کانپوءِ پنجين رات جو ڪيس انهن مٿان داخل ڪيو ويو جن فائرنگ ڪئي پر جنهن اهم شخصيت لاءِ متاثرين ڌرڻو هنيو ته صلاح الدين جو ڪيس ۾ نالو درج ڪيو ويو. احتجاج جي باوجود به سگهارين ڌرين ۽ پوليس صلاح الدين جو نالو ايف آئي آر ۾ شامل نه ڪيو. ايف آئي آر اوئن ئي درج ٿي جيئن طاقتور ڌرين ۽ پوليس چاهيو پئي.
متاثرن جن پنج ڏينهن تائين پنهنجن پيارن جي لاشن سان احتجاج ڪندا رهيا ته انهن صرف هڪ ايف آئي آر جو مطالبو ڪيو پر، انهن جو مطالبو نظر انداز ڪيو ويو ۽ انهن جي هٿن ۾ ايف آئي آر جي هڪ پنو ڏنو ويو جنهن ۾ طاقتور ڌرين جو موقف درج ٿيل آهي، انهن جي هڪ هٿ ۾ لاش ته ٻئي هٿ ۾ طاقتور ڌرين جي موقف سان درج ٿيل ڪاغذ جو پنو آهي ۽ انصاف جي اميد ختم ٿي وئي.
هڪ آمراڻي نظام ۾ موت صرف انسانن جو نه پر انصاف جو به ٿيندو آهي ۽ سانگهڙ سانحي ۾ انصاف کي سِرعام ڦاڙي ڦٽو ڪري ڇڏيو ۽ اسان سڀئي تماشائي بڻجي ڏسي رهيا آهيون ته انصاف ڪئين نه قتل ٿي رهيو آهي.
سنڌ جتي ماڻهو اڪثر احتجاج ڪندا آهن، حڪومت کان انصاف جي گهُر ڪندا رهن ٿا، انهن جي آواز کي دٻايو وڃي ٿو. ڪير به احتجاج ڪري ته ان کي تشدد سان دٻائي ان جي آواز کي اڻٻڌو ڪيو وڃي ٿو.
21 صدي ۾ هن رياست ۾ به شهرين کي ايف آئي آر لاءِ ماتم ڪرڻو پوي ٿو، ان لاءِ روڊن تي ڌرڻا هڻڻا پون ٿا پوءِ به متاثر ڌر جي مطابق ايف آئي آر درج نه ٿي ٿئي. آخرڪار، پوليس ۽ طاقتور ڌريون ڪامياب ٿي ويون ۽ متاثر ڌر هارجي وئي. جڏهن جمهوريت آمريت جو چوغو پائي اچي ته پوءِ اها بدترين شڪل اختيار ڪري وٺندي آهي ائين ئي هن وقت آمريت جو راڄ آهي. عوام صرف جهول ۾ مليل لاش ئي دفن نه ٿو ڪري پر ان سان گڏوگ انصاف کي به دفن ڪري رهيو آهي.