شهدادپور ۾ ترقياتي ڪمن جا پول پڌرا، چئن مهينن کان جاري ڊرينيج لائن جو ڪم مڪمل نه ٿيو، اسڪولي شاگرد مين هول ۾ ڪرڻ سبب زخمي، ڪتاب گٽر ۾ ٻڏي ويا، شهر جي علي چوڪ کان اسٽيشن چوڪ تائين ٺهندڙ رولڙي شڪار ڊرينج لائن جي مين هول ۾ اسڪولي شاگرد ڪري پيا.
مين هول ۾ ڪرڻ سبب 3 اسڪولي شاگرد زخمي ٿي پيا، سندن ڪتاب گٽرن جي گندي پاڻي ۾ لڙھي ويا.
شهرين پاران احتجاج ۽ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائڻ باوجود ميونسپل انتظاميه ڪم مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪوبه تحرڪ ناهي ورتو
شاگردن جي گٽر نالي ۾ ڪرڻ سبب شهرين ۾ سخت تاءُ پکڙيل، شهرين انتظاميا کان ڪم جي فوري مڪمل ٿيڻ ۽ حفاظتي اپائن جي گهر ڪئي آهي.