پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ سنڌ کي ڇانوڻي ۾ تبديل ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي، سارنگ جويو.

ڪراچي: جسقم-آريسر، سنڌي قومپرست پارٽي، ڇهن ڪئنالن ۽ گرين ڪوآپريٽو انيشيٽو جي خلاف لانگ مارچ جي اڳواڻي ڪري رهي آهي. سڄي سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن مان، اِنهن منصوبن جي خلاف احتجاج ٿين پيا، اهو چوڻ آهي ته ڇهه ڪئنال ۽ گرين ڪوآپريٽو منصوبا سنڌ کي ويران بڻائي ڇڏيندا.
لانگ مارچ 28 جنوري 2024 تي سنڌ جي سکر ضلعي مان شروع ٿي، جنهن جي اڳواڻي اسلم خانپوري ۽ خاص طور تي سنڌي نوجوان ڪري رهيا آهن، جن کي نه مالي مدد حاصل آهي ۽ نه ئي ٻيون پارٽيون ڪا خاص سپورٽ ڪن پيون. سنڌ سجاڳ فورم جي صدر، سارنگ جويو، لانگ مارچ جي ساراهندي چيو ته، “مالي وسيلن جي گهٽتائي باوجود، ِاهي مارچ جي اڳواڻي ڪري رهيا آهن، جنهن انداز سان سياسي ڌرين کي مارچ جي سپورٽ ڪرڻ گهرجي اها نظر نه ٿي اچي پر ان جي باوجود به جسقم آريسر جن کي جس هجي جو هي لانگ مارچ پنهنجو پاڻ ۾ هڪ مزاحمتي عمل آهي ڇهن ڪئنالن ۽گرين ڪوآپريٽو انيشيٽوجي خلاف.” جويو وڌيڪ چيو ته نوجوان عورتون ۽ ڇوڪريون پڻ هن لانگ مارچ ۾ حصو وٺي رهيون آهن.
گذريل ڪيترن مهينن کان سنڌ ۾ ڇهن ڪئنالن ۽ گرين ڪوآپريٽو انيشيٽو خلاف احتجاج ٿي رهيا آهن. مخالفت ڪندڙن جو چوڻ آهي ته اهي ڪئنالن سنڌ جو پاڻي کڻي ڇڏيندا، جڏهن ته پنجاب اڳ ئي وڌيڪ حصو کڻي رهيو آهي. جيڪڏهن ڪئنال مڪمل ٿيا، ته پوءِ ان جي نتيجي ۾ سنڌ جي ريگستان ٿي ويندي ٻئي طرف، گرين ڪوآپريٽو انيشيٽو، جيڪو سنڌ جي 52,713 ايڪڙ زمين حاصل ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو، هي منصوبا سنڌ صوبي مخالف آهن.
سنڌ ڇهن ڪئنالنن ۽ گرين ڪوآپريٽو انيشيٽو کي رد ڪري ٿي
جسقم-آريسر جي اڳواڻ، اسلم خيرپوري، “دي رائز نيوز” سان ڳالهائيندي چيو ته ماضي ۾ پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ کي بنگال گهرجي ، پر بنگالي نه. هاڻي ساڳيو فارمولو سنڌ تي لاڳو ڪيو پيو وڃي—انهن کي سنڌ ۽ ان جا قدرتي وسيلا ته گهرجن، پر سنڌي نه.
“اسان جي لانگ مارچ جو بنيادي مقصد سنڌين ۾ شعور پيدا ڪرڻ ۽ سڀني سياسي پارٽين کي هڪ پليٽفارم تي گڏ آڻڻ آهي، بلڪل انهيءَ طرح جيئن اسان سنڌين ماضي ۾ ڪالا باغ ڊيم جي مخالفت دوران ڪيو هو. ڇهن ڪئنالن ۽ گرين ڪوآپريٽو انيشيٽو جي مخالفت ڪرڻ لاءِ هاڻي اهڙي ئي هڪ تحريڪ جي ضرورت آهي.“
سارنگ جويو وضاحت ڪندي ٻڌايو ته ڇهن ڪئنالن جي تعمير گرين ڪوآپريٽو انيشيٽو جي مدد لاءِ ڪئي پئي وڃي، ڇاڪاڻ ته زرعي منصوبن لاءِ پاڻي ۽ ٻيا وسيلا گهربل آهن. ” اهي وسيلا حاصل ڪرڻ لاءِ اهي ڪئنال ٺاهن پيا هي ٻئي منصوبا نقصانڪار آهن، ۽ سنڌ انهن جي نتيجن کي برداشت نه ڪري سگهندي.“
جسقم-آريسر جي شاگرد ونگ جي صدر، اسد سنڌيار جو چوڻ هو ته لانگ مارچ کي سنڌين طرفان زبردست حمايت ملي رهي آهي، جيڪا توقع کان به وڌيڪ آهي. “هي لانگ مارچ هر ان عمل خلاف آ جيڪو سنڌ کي نقصان پهچائي پيو ۽ پهچائيندو.مثلن جبري گمشدگيون، مذهبي انتهاپسندي، ڪوآپريٽو فارمنگ، ڇهه ڪئنال، ۽ تعليمي ادارن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي موجودگي. اسد وڌيڪ چيو ته ايندڙ وقت ۾ هي مارچ سنڌ جي سياسي تحريڪ کي اڃان وڌيڪ مستحڪم ڪندي.“
سنڌ ۾ ڇانوڻين جو ڄار وڇائڻ
سارنگ جويو پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ تي سخت تنقيد ڪندي سوال اُٿاري ٿو ته آخر اهي سنڌ جي زمين تي گرين ڪوآپريٽو انيشيٽو جي نالي ۾ قبضو ڇو ڪرڻ چاهن ٿا. “ڪهڙو سبب آهي؟“ ان جو جواب ڏيندي ٻڌايو، “هي سنڌ ۾ سياسي تحريڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ آهي.“
هن دعويٰ ڪئي ته جيئن جيئن خطي ۾ سياسي حالتون تبديل ٿينديون پيون وڃن، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان شايد هاڻي پاڪستان جو حصو نه رهن، ۽ هي حالتون مستقبل ۾ خيبرپختونخواهه، بلوچستان، ۽ سنڌ تي اثرانداز ٿينديون. هن وڌيڪ الزام لڳائيندي چيو ته اسٽيبلشمينٽ ڪوآپريٽو فارمنگ منصوبي جي نالي تي سنڌ جي هر شهر ۾ ڇانوڻيون قائم ڪرڻ چاهي ٿي.
سارنگ جويي پڻ گورک هل تي زرعي منصوبي بابت سوال اُٿاريندي چيو ته ”هي منصوبا زراعت بابت ناهن، ”هي زمينن تي قبضي بابت آهن—پهريان ٿاڻو بولا خان، پوءِ رني ڪوٽ، ۽ سڪرنڊ، جتي اڳ ۾ ئي ڇانوڻي قائم ڪئي وئي آهي. هو اختيارين کان سوال ڪندي پڇي ٿو ته، “هڪ شهر ۾ ڇانوڻي ٺاهڻ جو مقصد ڇا آهي؟“
جڏهن کانئس پڇيو ويو ته ڇانوڻين جو بنيادي مقصد ڇا آهي، ته هن جواب ڏنو، ”اهي سنڌ ۾ ڪنهن به سياسي تحريڪ کي دٻائڻ چاهين ٿا، ڇاڪاڻ ته، سنڌ کانسواءِ، هي ملڪ زنده رهي نه سگهندو.“
پيپلز پارٽي ڇهن ڪئنالن جي حمايت ڪري ٿي
اسلم خيرپوري پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) تي الزام لڳائيندي چيو ته اها ڇهن ڪئنالن جي تعمير جي حمايت ڪري رهي آهي، جڏهن ته ساڳئي وقت ڪوآپريٽو فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي زمين کي اسٽيبلشمينٽ جي حوالي ڪري پئي.
هن وڌيڪ چيو ته جيئن سنڌ وفاقي حڪومت کي مجبور ڪيو هو ته ڪالا باغ ڊيم منصوبي کي ختم ڪري، ائين ئي ڇهن واهن بابت به فيصلو واپس وٺڻ تي مجبور ڪندي. ” پيپلز پارٽي سنڌ لاءِ ٻيو چنيسر بڻجي وئي آهي، جيڪا سنڌ کي دوکو ڏئي پئي ۽ سنڌي ان کي ڪڏهن به نه وساريندا.“