سنڌ جو بهترين شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري (December 25, 1956-February 15, 2025) گذاري ويو. شروعاتي خبرن موجب ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي موت جو سبب ڪمري ۾ پراسراسر باهه لڳڻ سبب پاڻ ڪافي سڙي ويا. جيتوڻيڪ گهر ۾ پٽ ۽ ڊرائيور ترسيل هئا ۽ پٽ والد کي بچائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي جنهن سبب هو به زخمي ٿي پيو آهي.
ڊاڪٽر آڪاش جو جنم بدين ضلعي ۾ ٿيو. ضياء جي آمريت دور ۾ هن کي انقلابي شاعري ڪرڻ سبب جيل ۾ وڌو ويو. ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي موت جي خبر تي پوري سنڌ سوڳ ۾ آهي.