
حيدرآباد: سنڌ جي قومي ۽ مزاحمتي شاعر آڪاش انصاريءَ جو گھر اندر پراسرار نموني سڙيل لاش هٿ آيو، شاعر جي جسم تي 17 زخمن جي تصديق ٿي، مڻڪي واري هڏي ڪپيل، ڦڦڙن تائين گھرا زخم هجڻ ۽ مارڻ کان پوءِ باهه ڏئي ساڙڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
ان ڏس ۾ حيدرآباد جي ڀٽائي نگر ٿاڻي جي حد سٽيزن ڪالوني ۾ شاعر آڪاش انصاري جو گھر مان لاش پراسرار نموني سڙيل لاش هٿ آيو آهي. ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي پٽ شاهه لطيف پاڙي وارن ۽ سندس دوستن کي فون تي اطلاع ڏنو، جيڪي فوري طور پهتا ۽ باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي، ان دوران ريسڪيو 1122 ٽيم پهتي، جنهن باھ وسائي ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي سڙيل جسم کي ڪمري مان ٻاھر ڪڍيو. ان دوران ڊاڪٽر آڪاش جو مڙهه سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. ڊاڪٽرن آڪاش انصاري جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو.
پوسٽ مارٽم رپورٽ
پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر موجب ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي جسم تي ڇرين جي وار جا 17 گھرا ۽ وڏا زخم موجود آهن، جن مان شڪ ظاهر ٿئي ٿو ته مٿس ڇرين جا وار ڪيا ويا آهن. ڇرين جا ڇاتي تي زخم موجود آهن، ٻنهي ڦڦڙن تائين به زخم آهن. ڳلي تي ڇري جو زخم هجڻ سان گڏ سندس مڻڪي واري هڏي به ڪپيل هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ڳچي ۾ 6، ڇاتي تي 4، پيٽ تي 3، پٺيءَ تي هڪ، ٻانهن ۽ ٽنگ تي به هڪ هڪ ڇري جو زخم آهي.
پوسٽ مارٽم جي ابتدائي رپورٽ موجب ڊاڪٽر آڪاش مزاحمت نه ڪئي. جنهن مان لڳي ٿو ته کيس نشو ڏئي ڇرين جا وار ڪيا ويا آهن. هيءَ ڪارروائي هڪ کان وڌيڪ ماڻهن جي لڳي ٿي.
ذريعن موجب فارنزڪ رپورٽ کانپوءِ ئي پوسٽ مارٽم جي حتمي رپورٽ جاري ڪئي ويندي. ايس ايڇ او ڀٽائي نگر اصغر تنيو صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اسان کي ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي گهر ۾ باهه لڳڻ ۽ سندس موت بابت اطلاع 9:40 تي صبح جو مليو هو. جنهن کانپوءِ اسان واقعي واري هنڌ پهتاسين. پاڙيسرين پوليس کي اطلاع ڏيڻ کان اڳ ريسيو 1122 کي اطلاع ڏنو هو، جن باهه تي به ضابطو آندو ۽ ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو مڙهه کڻائي اسپتال منتقل ڪيو. هن چيو ته پوليس ٽيم ڪرائيم سين جو جائزو وٺي شاهديون گڏ ڪيون آھن. جڏهن ته فرانزڪ جي لاءِ ٽيم پڻ موجود آهي. ريسڪيو جي ٽيم ۽ پاڙيسرين پوليس کي ڪو به اطلاع نه ڏنو هو. جڏهن ته وارثن پاران نه پوليس سان رابطو ڪيو ويو ۽ نه ئي ريسڪيو جي ٽيم کي ڪو اطلاع ڏنو ويو. اسان کي ته هڪ صحافي جي ذريعي اهڙي واقعي جي ڄاڻ ملي هئي. هن چيو ته وارث بنا پوسٽ مارٽم جي مڙهه کڻائي بدين وڃي رهيا هئا. پر پوءِ ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي دوستن ۽ پوليس جي چوڻ تي لاش ٽنڊو محمد خان کان واپس سول اسپتال حيدرآباد آندو ويو.
شفاف جاچ جو مطالبو
ڊاڪٽر آڪاش جي قتل تي پوري سنڌ سوڳوار آهي ۽ سنڌ جي اديب، شاعرن، سياسي اڳواڻن جو مطالبو ڪيو آهي ته ڊاڪٽر آڪاش جي قتل جي جاچ اعليٰ سطحي طورتي ڪري اصل قاتلن کي سزا ڏني وڃي.
ڊاڪٽر جي قتل تي سندس دوست ڊاڪٽر علم الدين انصاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي ڪنهن سان به ڪا دشمني نه هئي. هو هڪ مزاحمتي شاعر هو ڪجهه وقت کان موجوده حالتن تي سخت تنقيد ڪندو رهيو. هن الزام لڳائيندي چيو ته هو آرمي تي به سخت تنقيد ڪندو رهيو ان ڪري هن مطالبو ڪيو ته تفتيش ۾ هر رُخ کي شامل ڪيو وڃي.
پوليس جي تحقيقاتي ڪميٽي
پوليس جي اعليٰ سطحي تحقيقاتي ڪميٽي جوڙي وئي آهي. تحقيقاتي ڪميٽي ۾ سينئير سپرانٽنڊنٽ آف پوليس حيدرآباد ڊاڪٽر فرخ علي، ايس پي هيڊڪوارٽرز، حيدرآباد مسعود اقبال، واقعي جي حوالي سان اصل تحقيقات ڪري جلد از جلد رپورٽ پيش ڪندا.
ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي مڙهه کي بدين ۾ هن جي شاعري ڳائي ڀيٽا ڏئي دفنايو ويو.