سڪرنڊ مان جمع ڏهاڙي 20 فيبروري تي کنڀي گم ڪيل وڪيل ۽ سياسي ڪارڪن عامر عمراڻي جي جبري گمشدگي خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاجن جو سلسلو جاري، ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيمپ قائم، سڀاڻي آچر ڏهاڙي تي سڪرنڊ نيشنل هائي وي تي ڌرڻي جو اعلان ڪيو ويو آهي.
وڪيلن ۽ سياسي، سماجي ڪارڪن پاران ايڊوڪيٽ عامر عمراڻي جي جبري گمشدگي خلاف ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي ڪيمپ ۾ شرڪت ڪئي . اتي وڪيلن جي صدر ڪراچي جي بار عامر وڙائچ، جنرل سيڪٽري ڪراچي بار رحمان ڪورائي، ٽريزرار امر حسيب پنهور، جوائنٽ سيڪريٽري عمران عزيز، هيومن رائيٽس ايڪٽوسٽ ابيرا اشفاق، سميت ڪراچي بار ايسوسي ايشن، سنڌ هائي ڪورٽ بار ايسوسي ايشن، جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن، پورهيت مزاحمت تحريڪ، سنڌي شاگرد سٿ ۽ مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي.
ڪيمپ تي شريڪ ٿيندڙ اڳواڻن جو چوڻ هو ته ايڊوڪيٽ عامر عمراڻي سنڌ دوست وڪيل ۽ پُرامن سياسي ڪارڪن آهي کيس جنهن طريقي سان جبري طور لاپتا ڪيو ويو آهي سو انتهائي افسوناڪ ۽ قابلِ مذمت عمل آهي ۽ اسان سندس بازيابي جو ڀرپور مطالبو ڪندي اختيارن کي اھو چتاءُ ٿا ڏيون ته ھو سندس آزادي کي يقيني بڻائين نه ته ٻي صورت سڄي ﺳﻨﮅ ۾ احتجاجن جا دائرا وسيع ڪيا ويندا.