- قتل ۾ صرف ھڪ ئي قاتل شاھ لطيف ملوث قرار
- قتل ڪرڻ جو سموريون شاهديون مليون آهن
- ڊرائيور، ڪيس ۾ گواه طور شامل
حيدرآباد: انقلابي ۽ مزاحمتي شاعر آڪاش انصاري جو قتل ڪيس دھشتگردي ايڪٽ تحت ھنج ورتل پٽ خلاف داخل، ايس ايس پي جا پريس ڪانفرنس، جاري پوسٽ مارٽم رپورٽ م زخمن جا 21 زخم، جوابدار جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف. رپورٽ موجب نامياري شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي قتل جي ايف آءِ آر قاسم آباد جي ڀٽائي نگر ٿاڻي داخل ڪئي وئي آهي.
ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي ماروٽ ابراهيم عرف جان محمد ولد يار محمد انصاري پاران قتل، خوف ۽ حراس پکيڙڻ تي قلم302, 201 PPC, RW 7 ATA تحت داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ هن موقف اختيار ڪيو آهي ته ڊاڪٽر الله بخش عرف آڪاش انصاري پٽ الهڏنو قاسم آباد جي گهر نمبر ڊي 106 سچل آباد ڪالوني ۾ رهندڙ هو، کيس پٽ جو اولاد نه هئڻ ڪري هن هڪ پٽ شاهه لطيف کي هنج ورتل پاليو هو، جيڪو وڏو ٿيڻ تي نشو واپرائڻ لڳو، 2024ع ۾ ڊاڪٽر الله بخش عرف آڪاش انصاري جي گهر مان سندس ان پٽ شاهه لطيف پئسا چوري ڪيا هئا، اهڙو ڪيس الله بخش عرف آڪاش انصاري سندس خلاف گناهه نمبر 114/2024 قلم 380، PPC382 تحت ڀٽائي نگر ٿاڻي تي داخل ڪرايو هو، ان ڪيس ۽ ملڪيت تان پاليل پٽ شاهه لطيف ڊاڪٽر آڪاش انصاري کان ناراض هو ۽ مارڻ جون ڌمڪيون ڏيندو رهيو.
پوسٽ مارٽم رپورٽ
ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ڪئي وئي آھي، جنھن ۾ ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي جسم جي مختلف حصن تي تيز ڌار ڇري جا 21 وار ڪري ماري پوء باه ڏني وئي آهي، قميص تي گاسليٽ جي بدبوء پڻ موجود ھئي، رپورٽ ڄاڻايو ويو آهي ته ڇرين جا زخم اونها آهن ڇاتي تي ٿيل زخم ٻنهي ڦڦڙن تائين آهن، ميڊيڪل رپورٽ موجب ڇري جي حملي سبب ڳلي ۾ زخم سان گڏ مڻڪي واري هڏي به ڪپيل هو. رپورٽ موجب ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي ڳچي ۾ 8، ساڄي ڳل تي 10 سينٽي ميٽر گھرو زخم، ڇاتي ۾ 4، ڇاتي جي کاٻي ۽ ساڄي پاسي کان ھڪ، ھڪ زخم، پٺيءَ تي 7 سينٽي ميٽر گھرو زخم، کاٻي ٻانھن جي مٿئين حصي ۾ ھڪ زخم، پيٽ جي کاٻي پاسي کان ھڪ زخم، پيٽ جي پاسي کان 2 زخم، ساڄي سٿر تي 3 سينٽي ميٽر جو گھرو زخم، کاٻي سٿر تي 13 سينٽي ميٽر گھرو زخم، چھري جو ساڄو پاسو ۽ ٻئي ڪن، ڪنڌ جو پٺيون پاسو، ٻئي ٻانھون، ٻئي ھٿ ننھن سميت، ڇاتي جو ھيٺيون حصو، پيٽ، ٻئي دڏ، ٻئي ڄنگھون ۽ ٻئي پير سڙيل ھئا. سمورا سڙڻ جا زخم مرڻ کانپوء جا آھن. ھڏن ۽ جوڙن ۽ پاسراٽيون ڪيترن ئي ھنڌن تان ٽٽل آھن. زخمن لڳڻ کانپوء موت 15 منٽن اندر واقع ٿيو. جڏھن تہ ڏندن ۾ پڻ چوٽون آيل آھن. ڊاڪٽر آڪاش جي جسم تي مختلف حصن تي 21 زخمن جا نشان هئا. ميڊيڪو ليگل آفيسر ڊاڪٽر عبدالحميد مغل پاران جاري ڪئي ويئي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته آڪاش انصاري جي جسم تي زخم آيا انهي دوران هو زنده هو. جڏهن ته هن جي مرڻ کانپوءِ ان کي باه ڏني وئي آهي. جڏهن ته رپورٽ ۾ ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي موت باھ لڳڻ کان اڳ تيز ڌار ڇري جا گھرا زخم رسڻ سبب ٿيو.
ايف آئي آر
آڪاش انصاري پنهنجي اصل ڳوٺ بدين آيل هو، جتان 14 فيبروري تي ڊاڪٽر علم الدين انصاري ۽ مونسان (ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي ماروٽ ابراهيم) موڪلائي پنهنجي حيدرآباد ۾ ورتل مسواڙ واري گهر روانو ٿيو، جتي سندس پاليل پٽ شاهه لطيف ساڻس گڏ رهندو هو، 15 فيبروري تي آئون پنهنجي گهر ۾ موجود هئس ته فون تي اطلاع مليو ته ڊاڪٽر الله بخش عرف آڪاش انصاري جي گهر کي باهه لڳي آهي ۽ فوت ٿي ويو آهي، جنهن کانپوءِ آئون ۽ ڊاڪٽر علم الدين بدين کان سول اسپتال حيدرآباد آياسين ۽ ڏٺو ته آڪاش انصاري جي جسم تي تيز ڌار آلي جا گهاو هئا، پوليس پوسٽ مارٽم ڪرائي لاش تدفين جي لاءِ اسان جي حوالي ڪيو، تدفين کانپوءِ هاڻ فرياد داخل ڪرائڻ جي لاءِ پهتو آهيان. هن ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته منهنجي ماروٽ ڊاڪٽر الله بخش عرف آڪاش انصاري کي سندس پاليل پٽ شاهه لطيف چوري جو ڪيس داخل ڪرائڻ ۽ ملڪيت جي ڳالهه تان تيز ڌار واري آلي سان گهاو ڏئي ماريو آهي ۽ ڏوهه لڪائڻ جي لاءِ هن پيٽرول سان باهه ڏئي لاش جي تذليل ڪري خوف ۽ حراس پکيڙيو آهي.

ايس ايس پي حيدرآباد ڊاڪٽر فرخ لنجار ڪالھ ايس ايس پي آفيس حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي بيدرديء سان قتل ڪيو ويو آھي. جنھن جون سموريون شاھديون ملي چڪيون آھن. ھن چيو ته پوليس جي جاچ ٽيم ڏينھن رات ھڪ ڪري ھن ھاء پروفائيل ڪيس کي پنھنجي انجام تائين پھچائڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آھي. ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي قتل ۾ سندس ئي ھنج ورتل پٽ شاھ لطيف آڪاش ملوث نڪتو آھي. قاتل پٽ پيء کي تيز ڌار ڇري جا وار ڪري بيدرديء سان قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪري چڪو آھي.
قتل ۾ ملوث صرف شاهه لطيف قرار
ايس ايس پي لنجار چيو ته قتل جي واردات ۾ جوابدار شاھ لطيف اڪيلو ئي ملوث آھي. جاچ ۾ اڃا تائين ڪوبه اھڙو ٻيو ماڻھو ملوث ھجڻ جو ثبوت ناھي مليو. ھن چيو ته قاتل پٽ پيء آڪاش کي 15 فيبروري تي ڇنڇر جي رات جو ھڪ وڳي ڪمري اندر داخل ٿي. تيز ڌار ڇري سان وار ڪري وڏي بيرحمي ۽ بيدردي سان قتل ڪرڻ بعد گھران نڪري ھڪ دوست ڏانھن ھليو ويو. جتي ڪجھ ڪلاڪ رھڻ بعد وري رات جو دير سان گھر واپس موٽي آيو ۽ واردات کي لڪائڻ لاء ھن صبح جو سوير ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي لاش کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو ۽ اھو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي تہ ڪمري کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باھ لڳڻ جي نتيجي ۾ ڊاڪٽر آڪاش انصاري سڙي فوت ٿي ويو آھي. ھن چيو ته جنھن ڏينھن واقعو ٿيو ۽ کيس اطلاع مليو ته ھن وارثن کي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ تي راضي ڪيو ۽ وارثن پوليس سان مڪمل سھڪار ڪيو. پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ اھو ڪليئر سامھون اچي ويو ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي تيز ڌار اوزار سان ڪيترائي وار ڪري قتل ڪيو ويو آھي. جنھن کانپوء اسان ڪيس جي جاچ کي وڌيڪ تيز ڪري ان کي مڪمل ڪري ورتو ۽ قاتل کي منظر عام تي آڻي ڇڏيو آھي.

ڊرائيور کي قتل ڪيس مان آجو قرار
حيدرآباد پوليس ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي قتل ۾ شڪ جي الزام ھيٺ حراست ۾ ورتل ڊرائيور عاشق سيال کي قتل ڪيس مان آجو قرار ڏئي ڇڏيو آھي. واردات واري رات جو سٽيزن ڪالوني سچل آباد واري گھر ۾ موجود رھندڙ ڊرائيور عاشق سيال ۽ شاھ لطيف آڪاش کي پوليس بدين مان آڪاش جي تدفين بعد گرفتار ڪري حيدرآباد کڻي آئي ھئي. شروعاتي جاچ ۾ پوليس ذريعن وٽان سوشل ميڊيا تي اھا خبر ھلي ھئي ته ڊرائيور عاشق سيال واردات بابت پوليس آڏو اھم انڪشاف ڪيا ھئا. جڏھن تہ ڪالھ ايس ايس پي ڊاڪٽر فرخ لنجار پريس ڪانفرنس دوران ان حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي ڊرائيور کان بہ مڪمل جاچ ڪئي وئي. جيڪو ان قتل ڪيس ۾ بيڏوھي ثابت ٿيو آھي. ان ڪري ان کي قتل ڪيس مان آجو قرار ڏجي ٿو. ھن ٻڌايو ته ڊرائيور عاشق سيال پوليس جي قتل ڪيس ۾ تمام گھڻي مدد ڪئي آھي. جنھن کي اسان ڪيس ۾ گواھ طور بہ شامل ڪيو آھي. ھن اھو واضع ڪري ٻڌايو ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي قتل ۾ صرف ھڪ ئي قاتل شاھ لطيف ملوث آھي.
ڊي اين اي رپورٽ
حيدرآباد پوليس ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي قتل ۾ استعمال ٿيل تيز ڌار ڇرو ھٿ ڪرڻ جي دعوي ڪئي آھي. پوليس موجب واردات ۾ استعمال ٿيل ڇرو ڊي اين اي جي لاء موڪلي ڇڏيو آھي. جنھن جي رپورٽ جلد اچي ويندي.
قتل جو سبب ملڪيت نه ڄاڻايل
ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي ھنج ورتل پٽ شاھ لطيف پيء کي ساڻس انيڪ ذاتي رنجشون ھجڻ جو ڪارڻ ڄاڻائي پوليس آڏو قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آھي. جڏھن تہ جاچ ڪندڙ پوليس ٽيم ملڪيت جي معاملي سان قتل جو تعلق نه ھجڻ جو موقف ڏئي ڇڏيو آھي. ايس ايس پي مطابق ملڪيت جي معاملي تان آڪاش انصاري جو قتل ناھي ٿيو. شاھ لطيف کان ڪيل جاچ ۾ اھا ڳالھ سامھون آئي آھي ته ان سان آڪاش انصاري جو ننڍي ھوندي کان ورتاءُ بھتر نه ھو. کيس ايڊاپٽ ھجڻ جا طعنه ملندا ھئا ۽ تذليل ٿيڻ جو بيان ڏنو اٿس. اھڙي رنجش ھجڻ سبب جوابدار شاھ لطيف ڊاڪٽر آڪاش کي قتل ڪرڻ جو ڪارڻ ٻڌايو آھي. حيدرآباد پوليس مک قاتل شاھ لطيف، واردات ۾ استعمال ٿيل تيز ڌار ڇرو ۽ واردات بعد جنھن دوست وٺ ويو ان جو نالو ۽ کيس روبرو ميڊيا آڏو ظاھر نه ڪيو. ان بابت پڇيل ھڪ سوال جي جواب ۾ ايس ايس پي فرخ لنجار ٻڌايو ته جوابدار شاھ لطيف رات جو ھڪ وڳي پنھنجي پيء آڪاش کي قتل ڪرڻ بعد جنھن دوست وٽ ويو ھو. ان کان بہ پڇا ڳاڇا ڪئي آھي پر ان جا قتل ڪيس ۾ ملوث ھجڻ جا ثبوت نه ملي سگھيا آھن. ھن چيو ته قاتل شاھ لطيف منشيات واپرائڻ جو عادي بہ ھو.