ڄامشورو: سنڌو دريا مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف مورو ۾ قومپرست ڪارڪنن جي احتجاج تي پوليس پاران چڙھائي ڪري ڪارڪنن مٿان فائرنگ ڪندي لاٺي چارج ۽ تشدد ڪري ڪارڪنن کي زخمي ۽ کين گرفتار ڪرڻ واري عمل خلاف ڄامشورو ۾ قومي ڪارڪنن پاران لمس يونيورسٽي جي مک گيٽ سامھون انڊس ھاء وي تي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو، جنهن سبب روڊ جي ٻنھي پاسن کان سوين گاڏين جون قطارون لڳي ويون.
ان موقعي تي ڪارڪنن پوليس چڙھائي جي مذمت ڪئي ۽ گرفتار ڪارڪنن جي آزادي جو مطالبو ڪندي چيو ته مورو ۾ پرامن احتجاج ڪندڙ قومي ڪارڪنن مٿان پوليس پاران چڙهائي ڪري لاٺي چارج ڪندي سڌيون گوليون ھلايون آهن جنهن ۾ ڪيترائي ڪارڪن زخمي ٿيا آهن ۽ 300 کان وڌيڪ ڪارڪن گرفتار ڪري گم ڪيا ويا آهن، ھنن چيو ته سنڌو درياء سنڌ جو جياپو آهي ان مٿان ڌاڙي خلاف سموري قوم سراپاء احتجاج بڻيل آهي تنهن ڪري حڪومت ۽ رياست ڪئنالن وارو فيصلو واپس وٺي گرفتار ڪيل قومي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاجن جو سلسلو اڃان وڌيڪ تيز ڪيو ويندو.