ڄامشورو: سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن 4 مارچ شاگرد ڏهاڙي جي موقعي تي سنڌو درياهه جي مالڪي لاءِ جدوجهد جو ڏينهن قرار ڏيندي سنڌ يونيورسٽي جي آڳنڌ تي ٻوٽو پوکي سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ واري فيصلي خلاف جدوجهد جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ يونيورسٽي جي سوين شاگردن سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف سينٽرل لائبريري کان انڊس هاءِ وي تائين ريلي ڪڍي، سوين شاگردن انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي سامهون انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو.
جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي آهي، شاگردن جي ريلي کي روڪڻ لاءِ پوليس اٽالا طلب ڪيا ويا، جنهن دوران پوليس ۽ شاگردن وچ ۾ چڪريون ٿينديون رهيون، شاگردن جو ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاءِ پوليس شاگردن مٿان لٺ بازي به ڪئي آهي پر ان باوجود شاگردن جا حوصلا بلند رهيا.
جنهن کانپوءِ پوليس شاگردن مٿان ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو استعمال پڻ ڪيو، پوليس جي شيلنگ ۽ لٺبازي ۾ ڪيترائي شاگرد زخمي پڻ ٿيا، مڇريل شاگردن پوليس موبائل تي پٿراءُ ڪري ان جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا. پوليس مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪندي پنجن شاگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
ان موقعي تي شاگردن جو چوڻ آهي ته سنڌو درياهه اسان جو جياپو آهي، اسان پنهنجي جياپي کي بچائڻ لاءِ نڪتا آهيون، اسان جو احتجاج پرامن آهي پر پوليس ونگاري بڻجي اسان جي پرامن احتجاج کي پهرين روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان پرامن ڌرڻو هنيو ته اسان مٿان لٺبازي ڪئي وئي، جيڪو عمل آمريتي دور کي ورجائي ٿو. هنن چيو ته اسان جي پرامن احتجاج ۾ شاگردن کي ڪجهه به ٿيو ته ان جي ذميوار سنڌ يونيورسٽي انتظاميا هوندي. ٻئي طرف شاگردن ۽ پوليس وچ ۾ ڇڪتاڻ کانپوءِ ڄامشورو ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس سنڌ يونيورسٽي گهرائي وئي، پوليس مختلف هنڌن تي چڙهايون ڪري شاگردن کي گرفتار ڪيو. خبرن موجب ته سڀني شاگردن کي آزاد ڪيو ويو آهي.
چار مارچ ڏهاڙي تي ڪئنالن خلاف هر پروگرام تي بندش
جساف آريسر طرفان سنڌ جي مختلف شهرن ۾ چار مارچ ڏهاڙي تي ڪئنالن خلاف پروگرام رکيا ويا جن کي روڪڻ لاءِ پوليس ڪيترن کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. ساف آريسر ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جو صدر اطهر لاشاري ٻن ڀائرن سميت رات کان گرفتار ڪري گم ڪيو ويو آهي، سنڌ يونيورسٽي ۾ ليڪچر پروگرام جو مقرر ڊاڪٽر ذوالفقار زنئور صبح کان مڪلي پوليس گرفتار ڪري ويهاري ڇڏيو. ڪالھ سانگهڙ جي ليڪچر پروگرام جا ٻه مقرر دوست علي ڀٽي ۽ مهراڻ سنڌي گرفتار ڪيا ويا هئا جڏهن تہ رات کين آزاد ان ڪري ڪيو ويو ته ليڪچر پروگرام نه ڪرائيندا.
ميرپور خاص، امر ڪوٽ ۽ ٻين ضلعن ۾ ٿيندڙ ليڪچر پروگرام ملتوي ڪرائڻ لاءِ پوليس حراسان ڪندي رهي آهي. ڪراچيءَ سچل لئبرري ۾ ليڪچر پروگرام رکيل هو جنهن تي پوليس ۽ رينجرز ڪڙو چاڙهي ڇڏيو ۽ لئبرري کي تالا هڻي اسٽاف کي موڪل ڪرائي ڇڏي.
سنڌ جي اديب تاج جويي کي پوليس گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ڇو ته هو چار مارچ جي ڏهاڙي تي ڪئنالن خلاف زرعي يونيورسٽي ۾ ليڪچر ڏيڻ لاءِ وڃي رهيا هئا.
سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن جو چوڻ آهي ته ايوب دور ۾ ان وقت جي شاگردن جدوجهد ڪري ون يونٽ ختم ڪرايو ۽ هاڻي وري سنڌ يونيورسٽي جا شاگرد جدوجهد ڪري ڪئنالن کي رد ڪرائيندا.