سنڌ جو عوام سنڌو درياهه تي ڪئنالن جي تعمير خلاف احتجاج ڪري رهيو آهي—هي منصوبا سنڌ جي زرعي زمين کي بنجر بڻائي ڇڏيندا. جڏهن ته، چولستان، جيڪو هڪ ريگستاني علائقو آهي، ساڳئي متنازع منصوبي تحت ان کي سرسبز بڻائڻ لاءِ دهل وڄائي رهيا آهن.
سنڌ دانهن ڪري رهي آ ته آخر سنڌ جي زمين کي ريگستان ۾ تبديل ڇو پيو ڪيو وڃي؟ پر هتي مسئلو صرف زراعت تائين محدود نه آهي، سنڌ جي عوام لاءِ به ڀيانڪ نتيجا نڪرندا جو پوري عوام جي نسل ڪشي ٿيندي. پاڻيءَ جي ماهرن پڻ خبردار ڪندي چيو آهي ته چولستان ۾ ڪئنالن جي تعمير جا اهي نتيجا نه نڪرندا، جيڪي رياست چاهي ٿي. انهن اهو به چيو ته هي منصوبو انڊس ڊيلٽا کي مڪمل تباھ ڪري ڇڏيندو ۽ climate change ۾ وڌيڪ اضاف آڻيندو.
جڏهن عوام جي اڪثريت ۽ ماهر هِن منصوبي جي خلاف آهن، ته پوءِ بنيادي سوال پيدا پيو ٿئي ته آخر حڪومت ڪئنالن تي ڇو بضد آهي، جيڪي صرف اسلام آباد ۽ پنجاب لاءِ فائديمند آهن؟
هي پهريون دفعو ناهي ته سنڌ کي پنهنجي پاڻي جي حق لاءِ وڙهڻو پوي ٿو ان کان اڳ به سنڌ، پنجاب سان پاڻي جي مسئلي تي وڙهندي رهي آهي درحقيقت هي مسئلو هڪ صديءَ کان وڌيڪ پراڻو آهي، جيڪو انگريزن جي دور کان شروع ٿيو، جڏهن پنجاب پهريون دفعو متنازع ڪئنالن جي تعمير جي ڪوشش ڪئي. ان وقت، برطانوي حڪومت ان رٿا کي رد ڪندي چيو ته ان جو نقصان سنڌ کي ٿيندو.
پاڪستان جي ٺهڻ کان پوءِ، سنڌ جي پاڻيءَ جي حصي کي گهٽائڻ لاءِ متنازع منصوبا ٻيهر سامهون آيا—جن مان ڪالاباغ ڊيم هڪ آهي، جنهن کي سنڌ، خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان طرفان رد ڪري ڇڏيو آهي پر پنجاب ان جو اڪيلو حامي رهيو آهي.
سنڌ سان ناحق جو سلسلو جاري رهي ٿو، 1992 ۾ ان وقت جي وزيراعظم نواز شريف دور ۾ پاڻي جو معاهدو ڪيو ويو، اڄ به سنڌ جا ان معاهدي تي سخت اعتراض آهن، پر ان جي باوجود، اهو معاهدو سنڌ تي مڙهيو ويو. ان کان پوءِ به، پنجاب ۽ اسلام آباد مسلسل ٻين صوبن جي پاڻيءَ جي حق کي نظرانداز ڪندا رهيا آهن، جنهن جو سڀ کان وڏو نقصان سنڌ کي ٿيو، ڇو ته سنڌ هڪ lower riparian وارو صوبو آهي.
سنڌ ڪيترائي ڀيرا پاڻيءَ جي کوٽ ۽ ڪئنالن جي تعمير بابت پنهنجون ڳڻتيون ظاهر ڪيون آهن.ايستائين جو حڪومت جا پنهنجا کاتا چئي رهيا آهن ته پاڻي موجود ناهي ان حوالي سان پي ڊي ايم اي نوٽس جاري ڪندي خبردار ڪيو آهي ته سنڌ ۾ پاڻي کوٽ سبب صورتحال بدترين ٿيندي جنهن سبب 19 ضلعن ۾ ڏڪار جي صورتحال ڊڪليئر ڪري ڇڏي آهي. ملڪ ۾ پاڻيءَ جو بحران وڌي رهيو آهي، اڳ ئي سنڌ ۽ بلوچستان جو عوام پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي پيو، پر ان جي باوجود، اسلام آباد ۾ پاليسي ٺاهڻ وارا ڪئنال ٺاهڻ تي بضد آهن، جيڪي بحران کي حل ڪرڻ بدران وڌيڪ خراب ڪري رهيا آهن.
سنڌ ۾ احتجاج جاري آهن، ۽ متنازع ڪئنالن جي منصوبي کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي. هن سال 7 مارچ تي جيڪو هڪ تاريخي اهميت رکندڙ ڏينهن پڻ آهي، ڇو ته ماضيءَ ۾ به، 7 مارچ ڏهاڙي تي سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن اڳوڻي آمر ايوب خان۽ ون يونٽ جي خلاف مزاحمت ڪئي هئي—هڪ اهڙو ڪارو قانون، جيڪو صوبن جي سڃاڻپ مٽائڻ ۽ وسيلن تي قابض ٿيڻ لاءِ جوڙيو ويو، جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر سنڌ رهي جيتوڻيڪ بلوچستان به متاثر ٿيو. سنڌ ون يونٽ جي خلاف مزاحمت ۾ اڳڀري رهي، ۽ 7 مارچ تي سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن احتجاج ڪيو. پوليس انهن تي تشدد ڪيو، جنهن کان پوءِ سڄي سنڌ ۾ مظاهرا ٿيا.
اڄ به ظلم ۽ عوام دشمن پاليسيون جاري آهن. 7 مارچ 2025 تي، سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن ٻيهر تاريخ کي ورجائيندي پرامن احتجاج ڪيو—پر هن دفعي، انهن ڇهن ڪئنالن خلاف آواز اٿاريو. پوليس انهن تي تشدد ڪيو، ۽ 100 شاگردن تي ڪيس داخل ٿيا نه صرف شاگرد، پر هر اهو ماڻهو جيڪي هن متنازع منصوبي خلاف ڳالهائي رهيا آهن، انهن کي ڏاڍ جو نشانو بڻايو پيو وڃي. مارچ جي مهيني ۾ ئي ڇهن قومپرست سياسي ڪارڪنن کي کنڀيو ويو آهي، ڇاڪاڻ جو انهن ڪئنالن خلاف احتجاج ڪيا.
ساڳئي وقت، سنڌي ليکڪ، تاج جويو سميت ڪيترن کي حراست ۾ ورتو ويو يا روڪيو ويو، ته جيئن اهي 7 مارچ ڏهاڙي تي ڇهن ڪئنالن بابت ليڪچر نه ڏئي سگهن.
پاڪستان پيپلز پارٽي، سنڌ ۾ ڏهه سالن کان مٿي حڪومت ڪندي پئي اچي، پر ان جو رويو جمهوريت کان وڌيڪ آمريت جهڙو آهي، خاص ڪري انهن ماڻهن سان، جيڪي ڪئنالن جي تعمير جي مخالفت ڪري رهيا آهن. ائين هجڻ گهرجي ته پيپلز پارٽي جيڪا سنڌ جي ووٽن تي اقتدار ۾ ويٺل آهي اها وفاقي حڪومت کان گهُر ڪري ته ڪئنالن جي منصوبي کي ختم ڪيو وڃي پر ان جي ابتڙ پيپلز پارٽي سنڌ ۾ هر ان آواز کي دٻائي رهي آهي جيڪو مخالف ڪري پيو. جيڪڏهن پيپلز پارٽي ڪئنالن خلاف آهي ته پوءِ مخالف آوازن کي دٻايو ڇو پيو وڃي جنهن مان صاف ظاهر پيو ٿئي ته پيپلز پارٽي به ساٿاري آهي.
جمهوريت ماڻهن کي احتجاج جو حق ڏئي ٿي، پر پيپلز پارٽي ۽ اسلام آباد جي اختيارين ماڻهن کان هي بنيادي حق کسي رهيا آهن. ڪئنالن ذريعي درياهه جو رُخ تبديل ڪيو پيو وڃي ۽ اهڙي عمل سان سنڌ، مڪمل تباهه ٿي ويندي. هڪ خوفناڪ صورتحال منهن ڪڍي رهي آهي ته جيڪي ڪئنالن خلاف ڳالهائيندا انهن خلاف ڪيس داخل ٿيندا يا انهن کي کنڀيو ويندو.
پيپلز پارٽي، جيڪا پاڻ کي جهموريت جي چيمپين سڏي ٿي، ته ان کي پنهنجن آمريتي روين جو جائزو وٺڻ گهرجي—ڇو ته اختلاف کي دٻائي، اها پنهنجو کي پاڻ ئي تباھ ڪري رهي آهي. ياد رکو آمر حڪومتون ئي احتجاجن کي برداشت ناهن ڪنديون.
ايوب خان ته هليو ويو، پر ون يونٽ هن وقت تائين پيپلز پارٽي جي حڪمراني ۾ ساهه کڻي رهيو آهي.
ون يونٽ سنڌ جي سڃاڻپ ۽ وسيلن تي حملو هو ۽ هاڻي وري ون يونٽ پاليسي تحت سنڌي ماڻهن جي وجود کي ئي ختم ڪرڻ چاهين پيا. پاڻي زندگي آهي. ڪئنالن جي تعمير سنڌي عوام لاءِ هڪ واضع پيغام آهي: هاڻي توهان جو وجود خطري ۾ آهي.