
ڪراچي: هولي نه ملهائڻ واري خبر انڊين چينلز تي ڪيئن هلي؟ دائود انجنيئرنگ يونيورسٽي جي انتظاميا، هندو شاگردن کان ڌمڪي آميز سوال ڪندي پڇيو. جنهن کان پوءِ ڪيترائي شاگرد خوفزده آهن. هي جملا متاثر شاگرد جا آهن جنهن مٿان يونيورسٽي انتظاميا، ڪيس داخل ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪيترن ئي شاگردن خلاف ڪيس ۽ يونيورسٽي ۾ داخلا تي بندش هڻي ڇڏي آهي.
فيبروري 21 ڏهاڙي تي ڪجهه شاگردن هولي ملهائڻ لاءِ يونيورسٽي جي پارڪ ۾ گڏ ٿيا پر يونيورسٽي انتظاميا اچي ڪري شاگردن سان سختي ۾ پيش آئي ايستائين جو هڪ ننڍڙي گڏجاڻي کي مذهبي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري، وڳوڙ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. شاگردن ٻڌايو ته مذهبي تنظيم سان لاڳاپيل شاگردن انتظاميا کي ڪا به موٽ نه ڏني جنهن سبب انتظاميا مذهبي رنگ ڏيڻ ۾ ناڪام وئي. پر انهن ڪوڙو ڪيس داخل ڪري شاگردن خلاف شوڪاز نوٽس جاري ڪري شاگردن مٿان بندش هڻي ڇڏي آهي ته اهي تعليم نه ٿا جاري ڪري سگهن.
جڏهن ته شاگردن انتظاميا کي لکت ۾ درخواست ڏني هئي ته اهي سادگي سان هولي ملهائڻ چاهين ٿا ان دوارن ئي انتظاميا جو رويو جارحاڻو هو پر شاگردن فيصلو ڪيو ته اهي يونيورسٽي جي پارڪ ۾ گڏ ٿي ڪري هولي ملهائيندا.
شاگردن وڌيڪ ٻڌائيندي چيو ته يونيورسٽي ۾ اڪثريت پڙهندڙ شاگردن جي مالي سپورٽ خاص ناهي ان ڪري اهي هر وقت محتاط رهندا آهن ته انهن خلاف انتظاميا مسئلو نه پيدا ڪري خاص طورتي هندو شاگرد وڌيڪ خوفزده آهن ڇو جو انهن جي خاندانن کي به حراس ڪيو ويو آهي. ”ايستائين جو ڪجهه هندو شاگرد خودڪشي لاءِ به سوچي رهيا آهن ڇو جو اهي ڪيس کي منهن ڏيڻ جي همت نه ٿا رکن،“ شاگردن وڌيڪ ٻڌايو ته انتظاميا هندو شاگردن کي ڌمڪائيندي چئي پئي ته انڊين چينلز تي يونيورسٽي جي خبر ڇو آهي؟“
درحقيقت خبر سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي وئي، اها خبر وائرل ٿيڻ کانپوءِ ميڊيا کنئي هاڻي ان ۾ شاگردن جو ڪهڙو قصور آهي، شاگردن سوال ڪندي پڇيو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته انتظاميا جو رويو شاگردن ڏانهن بهتر ناهي، انهن جي ڪوشش رهي آهي ته ڪيئن به ڪري شاگردن جي ايڊميشن ختم ڪئي وڃي.
انتظاميا جي رويي تي شاگرد سخت پريشان آهن ڇاڪاڻ جو شاگردن جا امتحان به وجهو آهن پر انتظاميا هن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. شاگردن، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي آهي. اميد ظاهر ڪئي ته شايد يونيورسٽي جي انتظاميا پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪندي شاگردن جي تعليم پڙهڻ جي اجازت ڏي.
وجاهت جاگراڻي، پورهيت مزاحمت تحريڪ سان لاگاپيل آهي، هن ٻڌايو ته يونيورسٽي انتظاميا جو هن قسم جو رويو ڪو پهريو ڀيرو ناهي. شاگردن کي پهرين به حراسان ڪيو ويو آهي. افسوس جو حڪومت کي هولي جا هوٽلن ۾ پروگرام ڪرڻ بجاءِ شاگردن کي سپورٽ ڪرڻ گهرجي پر هتي جيڪي رياست جا منظورنظر آهن انهن کي اجازت آهي ته اهي يونيورسٽي ۾ جيڪو چاهين اهي ڪري سگهن ٿا پر جيڪي شاگرد سوال ۽ چيئلينج ڪن ٿا انهن کي رنگن جو ڏهاڙي (هولي) به ملهائڻ جي اجاز ڪانهي.
فيض ملاڻو، وڪيل، هي هن ڪيس کي ڏسي رهيو آهي. فيض جو چوڻ هو ته ايف آئي آر ۾ يونيورسٽي انتظاميا، شاگردن مٿان الزام هنيو آهي ته انهن هولي ملهائڻ دوران وڳوڙ ڪيا ۽ شيشا ڀڳا پڻ رياست خلاف نعريبازي ڪئي. درحقيقت، ڪجهه ڏينهن اڳ انتظاميا پاڻ قوالي جو پروگرام ڪرايو هو جنهن دوران ڪو شيشو ٽٽو هو. هاڻي ان واقعي کي شاگردن خلاف استعمال ڪيو پيو وڃي جيڪڏهن شاگردن خلاف ڪو ثبوت آهي ته انتظاميا پيش ڪري باقي شاگردن کي ذهني طورتي گهڻو پريشان ڪيو پيو وڃي.
شاگرد غمزده لهجي ۾ چيو ته اسان کي خبر نه هئي ته اسان لاءِ هولي ملهائڻ به ڏوهه ثابت ٿي ويندي.
شاگردن جا نالا سيڪيورٽي خدشن سبب ظاهر نه ڪيا ويا آهن.