
ڪراچي: سنڌ جي جياپي واري رڳَ سنڌو ڌرياءَ مان تڪراري ڇھ ڪينال ڪڍڻ واري منصوبي خلاف سياسي، قومپرست ڌُرين، وڪيل برادري، شاگردن سميت سول سوسائٽي طرفان سخت ردعمل، ڪراچي پريس ڪلب اڳيام احتجاج، تڪراري منصوبو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو.
تفصيل موجب دريائن بانت آگاهي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سنڌ يونائيٽڊ پارٽي، سنڌ ترقي پسند پارٽي، پورهيت مزاحمت تحريڪ، ڪراچي بار ايسوسي ايشن، مختلف شاگرد جماعتن، ڊاڪٽرن، ۽ سول سوسائٽي طرفان سنڌو درياءَ مان وڌيڪ ڇھ تڪراري ڪينال ڪڍڻ خلاف ڀرپور آواز اٿاريو ويو.
احتجاج دوران گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڪراچي بار ايسوسي ايشن جي اڳواڻ امر حسيب پهنور چيو ته وفاقي حڪومت جارحيت وارو رويو اختيار ڪندي سنڌو درياھَ تي راتاهو هنيو پيو وڃي جنهن خلاف سخت مزاحمت ڪئي ويندي.
امر حسيب پهنور چيو ته پيپلز پارٽي اقتدار جي حصول لاءسنڌ جون زمينون، پاڻي ۽ سمورا وسيلا فوجي ڪمپنين کي وڪڻي رهي آھي جيڪا اسانجي نسلن لاء ھڪ خطرناڪ ڳالھ آھي. امر حسيب وڌيڪ چيو ته ان منصوبي خلاف سنڌ ۾ سياسي مزاحمت اڀري رهي آھي ۽ ان کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو.
احتجاج کي خطاب ڪندي جسقم اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ چيو ته تڪراري ڪينالن خلاف هر محاذ تي مزاحمت ڪئي ويندي، جيڪڏھن ڪينالن جو منصوبو مڪمل طور تي ختم نٿو ڪيو وڃي ته سڄي سنڌ جا روڊ رستا بند ڪيا ويندا ۽ سخت مزاحمت ڪئي ويندي.
اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌو درياءُ اسانجي جياپي جو ذريعو آھي، جيڪڏھن درياءَ تي ڌاڙو هنيو ويو ته پنجاب ويندڙ رستا مڪمل طور تي بند ڪري درياه جي تحفظ ڪيو ويندو.