بدين کان پوءِ 14 ڏينھن اندر ننگرپارڪر ۾ ماتا جي مورتي جي بيحرمتي

Goddess Mata Morti being vandalized at Nagarparkar, Sindh, Pakistan – Photo: local reporter

ننگرپارڪر لڳ ڳوٺ مئو لڳ ڪارونجھر جبل جي ھنج ۾ موجود ھنگلاج ماتا جي مندر ۾ پيل ھنگلاج ماتا جي مورتي کي رات دير سان نامعلوم ماڻھو بيحرمتي ڪري ٽوڙي ڀڃي ڇڏي آهي.

14 ڏينھن اڳ بدين ۾ مندر جي مورتي جي بيحرمتي ڪئي وئي ۽ ھاڻي وري ٻيھر ھڪ ٻيو واقعو پيش آيو آھي
مندر جي پوڄاري ٻڌايو ته رات دير سان نامعلوم ماڻھو مندر جي لوھي دروازي جا تالا ٽوڙي اندر پيل مورتي کي ٽوڙي ڇڏيو، آئون جڏھن صبح جو مندر ويس تہ گيٽ جو تالو ٽٽل ھو ۽ مورتي ڀڳل پئي ھئي ـ اھڙي حرڪت کان پوء اسان پوليس کي اطلاع ڏنو آهي

https://twitter.com/Therisenews_/status/1314936919021715456


ٻئي طرف پوليس ٻڌايو ته اسان کي اطلاع مليو آھي واقعي مندر کان ڳوٺاڻن سان گڏجي پيرا کڻي رھيا آھيون جلد جوابدار کي گرفتار ڪيو ويندو
مندر جي مورتي ڀڃڻ جي واقعي کانپوء ھندو برادري ۾ سخت ڪاوڙ ڇانيل آھي، جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي.

Support The Rise News click here to donate

لاڳاپيل مضمون